298

زندگيءَ جي بهترين وندر انسانيت جي خدمت آهي، هزارين غريب نياڻين جا گهر آباد ڪرايا ۽ بي گهر ماڻهن کي مفت ۾ اجها ڏنا: عبدالله ڪوهستاني

حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: علي مراد چانڊيو) ڪوهستان جي شخصيت ۽ سماجي تنظيم عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرمين شيخ عبدالله ڪوهستاني چيو آهي ته انساني زندگيءَ جي بهترين وندر انسانيت جي خدمت آهي، جنهن سان دل کي سڪون ملي ٿو. روزاني ”سوڀ“ سان ڳالهائيندي شيخ عبدالله ڪوهستاني جو وڌيڪ چوڻ هو ته ماڻهو اختلافن ۽ فضول ڳالهين ۾ وقت وڃائڻ بدران انسان ذات جي ڀلائي، شعور ۽ سجاڳي لاءِ ڪوشش ڪري پنهنجي مالڪ کي راضي ڪري سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جو بنياد 1988ع ۾ ٿيو، هن وقت تائين هن پليٽ فارم تان هزارين غريب نياڻين جا گهر آباد ڪري سندن والدين تان پريشاني ۽ بار ختم ڪري انهن کي خوشي پهچائي آهي، جڏهن ته عباس ڪالوني قائم ڪري بي گهر ماڻهن کي مفت ۾ اجها ڏنا آهن، ان کانسواءِ هزارين ماڻهن کي فيڪو مشين ذريعي لينس لڳرائي نور جهڙي نعمت بحال ڪئي آهي. شيخ عبدالله ڪوهستاني ٻڌايو ته هن مهل تائين هزارين مريضن کي دل جي باءِ پاس، اينجوپلاسٽڪ، گڙدي، مثاني، پتي جي پٿري، هرنيا ۽ ٻيا آپريشن ڪرائي مفت علاج جي سهولت مهيا ڪئي آهي، حادثن ۽ شگر سبب ڪٽيل ڄنگهن وارن سوين ماڻهن کي هٿرادو ٽنگون لڳرائي رهيا آهيون، جڏهن ته هلڻ کان معذور سوين ماڻهن کي ويل چيئر جي سهولت ڏئي چڪا آهيون. هن ٻڌايو ته ڪوهستان جي سوين ڳوٺن ۾ بورنگ وسيلي صاف پاڻي جي سهولت ڏئي چڪا آهيون، عيد جي موقعن تي هزارين غريب ٻارڙن توڙي وڏن ۾ عيد جا نوان ڪپڙا تقسيم ڪندا اچون پيا ۽ سياري جي مند ۾ هر سال هزارين ڪوٽ، سوئيٽر، جيڪٽ، مفلر، ٽوپيون، جوراب، ڪمبل توڙي بسترا ڏيڻ وارو سلسلو جاري آهي. شيخ عبدالله ڪوهستاني چيو ته عباس فائونڊيشن جي پليٽ فارم تان هر سال غريب شاگردن کي داخلا ۽ امتحان جي فيس ۾ مدد ڪرڻ سان گڏ تعليمي سيمينار ۽ علمي جاڳرتا ريليون ڪڍي چڪا آهيون، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ هزارين غريب ٻارڙن جون مفت ۾ طهرون ڪرائي کين مفت دوائون ڏياريون آهن، ان کانسواءِ قومي ۽ ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ سميت سياسي سماجي ۽ ادبي شخصيتن جي ياد ۾ سندن ڏهاڙا ملهائي کين ڀيٽا ڏيڻ جا پروگرام منعقد ڪندا اچون پيا ۽ هر سال سياري جي مند ۾ سگهڙائپ جي فن کي جيئارڻ لاءِ مچ ڪچهريون ڪوٺائي پٺتي پيل علائقن جي شاعرن ۽ سگهڙن کي نروار ڪيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو