140

عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي ظلمن کي عالمي فورمن تي وائکو ڪيو: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، وزيراعظم عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان ڀارتي ظلمن، بربريت، والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت جي تبديلي، ڊگهي لاڪ ڊائون ۽ انسانيت لڄائيندڙ سلوڪ کي عالمي اڳواڻن، عالمي ادارن، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي سميت عالمي فورمز تي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري واري جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن معصوم، بي هٿيار ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت کي وڌيڪ سگهه ملندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته غير قانوني ڀارتي والاريل ڪشمير ۾ زندگي جي ٻين رخن سان گڏوگڏ سموري ثقافتي ۽ قدرتي خوبصورتي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پرڏيهي وزارت پاران تصويري نمائش منعقد ڪرڻ بهترين قدم آهي، هن چيو ته ڪشمير زمين تي جنت جي نظير آهي پر مظلوم ۽ بي هٿيار ڪشميرين تي ڀارتي حڪومت ۽ فوج ظالماڻي ۽ غير انساني سلوڪ جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ڪشميرين ۽ عالمي برادري ڪشميرين سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. اهو هڪ وقتي نه پر سدائين جاري رهندڙ يڪجهتي جو اظهار آهي، هن چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام گذريل ست ڏهاڪن کان ڪشميري ڀائرن جي حمايت ڪري رهيا آهن ۽ جيستائين ڪشميري پنهنجي خودمختياري واري حق جي انمول حق جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿين حمايت جاري رهندي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي جرئتمنداڻي قيادت ۾ پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي هندستان جي غير قانوني قدمن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ عالمي سطح تي به ان مسئلي جي امن ۽ سلامتي، انسان دوست ۽ قانوني رخن کي اجاگر ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان جون ڪوششون رنگ آڻي رهيون آهن، هر عالمي فورم تي ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ٿي رهي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل 5 آگسٽ 2019ع کان 3 ڀيرا ڪشمير مسئلي تي ڳالهه ڪئي آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪيترائي ڀيرا تصديق ڪئي آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي باري ۾ گڏيل قومن جو موقف گڏيل قومن جي منشور ۽ قابل اطلاق سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت آهي، هن چيو ته پهريون ڀيرو ايئن ٿيو آهي ته جو عالمي اڳواڻ، عالمي انساني حقن جون تنظيمون ۽ عالمي ميڊيا ڀارتي فوج جي والاريل ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون جي مذمت ۾ هڪ آواز آهن، هن چيو ته پاڪستان بار بار امن جي خواهش جو اظهار ڪيو پر بدقسمتي سان ڀارت پاران غير قانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير 5 آگسٽ 2019 تي پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن سان ماحول خراب ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميرين جا حق غصب ڪرڻ جي ناپاڪ ارادن کان ڇوٽڪارو ڏياري، پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي خودمختياري واري جدوجهد ۾ ساڻس گڏ بيٺل آهي، هر گذرندڙ ڏينهن بي هٿيار ڪشميرين جي لاءِ اسان جي حمايت کي وڌيڪ سگهه ملندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو