151

خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت ۽ معاشري جي گڏيل ذميواري آهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز، عضون ۽ لاڳاپيل لوازمات تي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل معذوري واري ماڻهن کي هنرمند ۽ انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري اڪرام الله خان وزارت پاران ان ڏس ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گڏيل معذوري واري ماڻهن کي هنرمند ۽ انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، خصوصي ماڻهن جي روزگار ۽ صحت جون ضرورتون ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاشرتي ۽ معاشي چئلينجز درپيش آهن، خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت ۽ معاشري جي اجتماعي ذميداري آهي، هن چيو ته انساني حقن واري وزارت هر شعبي ۾ معذوري جي سطح جانچڻ لاءِ ماهرن جي ڪميٽي جوڙي، صدر خصوصي ماڻهن جي تعليم جي لاءِ استادن کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو