148

ڀارتي فوج بارهمولا ۾ 60 ورهين جي پيرسن ڪشميري کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران بارهمولا ضلعي ۾  هڪ 60 سالن جي ڪشميري کي شهيد ڪري ڇڏيو، ڪشمير ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي فوج پيرسن شهري کي سرفراز احمد ضلعي جي اوڙي واري علائقي ۾ فوجي ڪارروائي دوران شهيدڪيو. بعد ۾ شهيد ڪشميري جو لاش اوڙي ۾ اڻڄاتل جاءِ تي واٰقع فوج جي انتظام هيٺ قبرستان  ۾ دفنايو ويو، جٿي ماضي ۾ هزارين ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو