دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي فوج جي فضائي دفاعي نظام اربع تي رات جو ملڪ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ اسرائيلي ميزائل حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. سرڪاري خابرو اداري هڪ فوجي ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو ته اربع تي رات جو اسرائيل والاريل گولان واري پاسي کان فضائي حملو ڪيو، ان دوران فضا کان زمين تائين ۽ زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل فائر ڪيا ويا. حملي ۾ ڏکڻ واري علائقي ۾ ڪجهه هدفن کي نشانو بڻايو ويو. فوجي ذريعن موجب شامي فوج جي فضائي دفاعي نظام حملي کي ناڪام بڻائيندي دشمن جا اڪثر ميزائل ڪيرائي وڌا. حملي ۾ رڳو مادي نقصان جا اطلاع آهن. سرڪاري خابرو اداري ٽوئيٽر تي هڪ وييڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ علائقي جي فضا ۾ اسرائيلي ميزائلن جو رستو روڪڻ جو منظر نظر اچي ٿو. حملي جي حوالي سان اسرائيل طرفان ڪو تبصرو سامهون ناهي آيو.
175