نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪانگريس جي قومي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي چيو آهي ته ڀارت جي نون زرعي قانونن سان هاري تباهه ٿي ويندا. ڀارتي ميڊيا موجب پريانڪا گانڌي هارين جي مها پنچائت ۾ شرڪت دوران خطاب ڪندي هارين کي نون زرعي قانونن سان مستقبل ۾ ٿيندڙ نقصانن جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن چيو ته اهي قانون تباهي وارا آهن جيڪي هارين کي ختم ڪري ڇڏيندا. انهن قانونن سان سڌي ريت فائدو بي جي پي ۽ وزيراعظم مودي جي ويجهن ڪارپوريٽ ڪٽنبن کي پهچندو. پريانڪا چيو ته حڪومت طرفان آندل قانون هارين جي خلاف آهن.
162