142

ڳالهين ذريعي ڪشمير مسئلي جو نبيرو چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان ڳالهين وسيلي ڪشمير مسئلي جو حل چاهيون ٿا، ڪشمير مسئلو ڀارت جو اندروني معاملو ناهي، ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. پرڏيهي وزارت ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشمير ثقافتي ورثي ۽ تصويري نمائش جي تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي  فورسز طرفان بيگناهه ڪشميرين تي ظلم ۽ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون مسلسل جاري آهن. هن چيو ته والاريل ڪشمير گذريل 18 مهينن کان مڪمل فوجي ڪڙي ۾ آهي، مسلسل مواصلاتي بندش، دوائن ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب ڪشميري عوام کي سخت مشڪلاتون درپيش آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير مسئلو ڀارت جو اندروني معاملو نه آهي. ڪشمير مسئلو سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ موجود آهي.  هن چيو ته ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي امگنن موجب ئي حل ڪري سگهجي ٿو. ڀارت خود اراديت جي حق واري تحريڪ کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته ڀارت طرفان ايل او سي تي جنگبندي جي معاهدي جون ڀڃڪڙيون مسلسل جاري آهن. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڳالهين وسيلي مسئلي جو حل چاهيون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو