240

افغان جنگي جهازن جي بمباري سان ٻن گروپ ڪمانڊرز سميت 27 عسڪريت پسند مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي هلمند صوبي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ افغان جنگي جهازن طالبان عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ ٻن گروپ ڪمانڊر سميت 27 عسڪريت پسندن جي مارجڻ جي تصديق ٿي آهي. چيني سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب افغان فوج هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته ڪابل کان 555 ڪلوميٽر ڏکڻ هلمند صوبي جي نوا نهر سراج ۽ گرم سير ضلعن جي ڪجهه حصن تي حملا ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ ٻن گروپ ڪمانڊرن سميت 27 عسڪريت پسند مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. واضح رهي ته طالبان عسڪريت پسندن طرفان اڃان تائين انهن هوائي حملن تي ڪو بيان سامهون ناهي آيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو