229

ڄامشوري جي عدالت ۾ زمين جي مالڪي واري درخواست تي ٻڌڻي، فيصلو سنڌ يونيورسٽي جي حق ۾ اچي ويو

ڄامشورو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر) ڄامشورو جي عدالت سنڌ يونيورسٽي جي شهيد بينظير ڀٽو هائوسنگ اسڪيم  بلاڪ ٽو جي 119 ايڪڙ  زمين  تي ٿيل مبينا قبضي بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. عدالت ڪوٽڙي واسي جي درخواست رد ڪندي زمين سنڌ يونيورسٽي جي قرار ڏيندي رجسٽري به ڪينسل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  ڄامشورو  ۾ سينيئر سول جج  ٽو آصف علي ميمڻ جي عدالت ۾ سنڌ يونيورسٽي جي زمين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران  عدالت ۾ درخواستگذار ميهار خان برفت ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وڪيل عدالت پهتا، جتي عدالت پاران درخواست گذار ميهار خان برفت جي درخواست رد ڪري  يونيورسٽي جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. درخواستگذار سينيئر سول جج جو فيصلو سيشن جج جي عدالت ۾ چئيلنج ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو. عدالت جي جج آصف علي ميمڻ جا رمارڪس ڏيندي چيو ته  يونيورسٽي جي زمين تي هاڻي  ڪا به هائوسنگ اسڪيم نه ٺهندي، ڄاڻايل زمين تي يونيورسٽيءَ جا شعبا ٺاهيا وڃن، جيڪڏهن ان تي ڪا به سوسائٽي ٺهي ته اها غيرقانوني هوندي. ڪوٽڙي واسي ميهار خان برفت 4 مارچ 2019ع تي ڄامشورو جي عدالت ۾ هڪ درخواست جمع ڪرائي هئي ته ديهه سون ولهار ۾ منهنجي 119 ايڪڙ زمين آهي جيڪا مون خريد ڪئي آهي، ان جو مون وٽ روينيو رڪارڊ موجود آهي، يونيورسٽي انتظاميا کي روڪيو وڃي ته اسان کي تنگ نه ڪري. هوڏانهن يونيورسٽي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڄاڻايل زمين بلاڪ ٽو سنڌ يونيورسٽي جي زمين  آهي، ان زمين تي بااثر ماڻهو ڪوڙا کاتا ٺاهي زمين تي قبضا ڪرڻ ٿا چاهين، اسان وٽ زمين جو سمورو رڪارڊ موجود آهي، انهن جي رجسٽري به ڪينسل ڪئي وڃي. عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي ڪوٽڙي واسي جي درخواست رد ڪندي زمين سنڌ يونيورسٽي جي قرار ڏئي ڇڏي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو