اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 33 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 1270 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 35 هزار 280 ڪورونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن دوران 1270 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته وبا وگهي وڌيڪ 33 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
