ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 1302 ويڪسينيٽرن جون ڀرتيون غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نومبر 2019ع ۾ 1302 ويڪسينيٽرن جي ڀرتين خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذارن جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته ڀرتين ۾ وڏي پئماني تي بيقاعدگيون ٿيون، 2018ع ۾ ڀرتين لاءِ اشتهار جاري ڪيو ويو پر اين ٽي ايس ۾ 60 کان گهٽ يا وڌيڪ نمبر وارن کي يوسي سطح تي ڀرتي ڪيو ويو. عدالت 1302 ويڪسينيٽرن جي ڀرتي غيرقانوني قرار ڏيندي نئين اميدوارن کان ٻيهر انٽرويوز وٺڻ جو حڪم ڏنو. عدالت سنڌ حڪومت کي ويڪسينيٽرن جي سکيا لاءِ انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.
169