لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر پنجاب غلام اسرار خان جو چوڻ آهي ته سينيٽ چونڊون منعقد ڪرائڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪمشنر پنجاب غلام اسرار خان جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊن ۾ ضابطا اخلاق تي سختيءَ سان عمل ڪرائينداسين ۽ ووٽرن کي موبائل فون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. هن چيو ته سينيٽ چونڊون منعقد ڪرائڻ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط آهي.
245