314

مٽياري شگرمل ۾ ڪمند لاهڻ واري مشين جو پاسو لڳڻ سبب پورهيت فوت

مٽياري (ن سوڀ) مٽياري شگر مل ۾ پورهيت موليڏنو ڳهيلو ڪمند لاهڻ واري مشين جو پاسو لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. پوليس ذريعن موجب صبح سوير مٽياري شگر مل ۾ ڪمند لاهڻ واري مشين تي ڪم ڪندڙ ڳوٺ بچو ڳهيلو جو رهواسي نوجوان موليڏنو ڳهيلو کي مشين جو پاسو لڳي پيو، جنهن ڪارڻ هو فوت ٿي ويو آهي، جنهن جو لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو