206

پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن لاءِ شبلي فراز، فيصل واوڊا، حفيظ شيخ ۽ ٻين جا نالا فائنل ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ چونڊن لاءِ پنهنجي ڪجهه اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. فواد چوڌري ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ ٻڌايو آهي ته پنجاب مان سيف الله نيازي، ڊاڪٽر زرقا ۽ بئريسٽر علي ظفر سينيٽ جا اميدوار هوندا، جڏهن ته باقي سيٽن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته اسلام آباد مان عبدالحفيظ شيخ ۽ فوزيا راشد کي تحريڪ انصاف پاران فائنل اميدوار ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت خيبرپختونخواهه مان شبلي فراز، محسن عزيز، دوست محمد، ثانيا نشتر ۽ فرزانه جو نالو حتمي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته باقي سيٽن تي اعلان بعد ۾ ٿيندو. هن چيو ته سنڌ مان فيصل واوڊا سينيٽ چونڊ وڙهندو، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽ تي سيف الله ابڙو تحريڪ انصاف جو اميدوار هوندو، جڏهن ته بلوچستان مان عبدالقادر جو نالو سينيٽ لاءِ فائنل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو