218

افغان صوبي قنڌار ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 15 انتهاپسند مارجي ويا

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏاکڻين صوبي قنڌار ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي دوران 15 عسڪريت پسندن کي ماري ڇڏيو. چيني خابرو اداري موجب افغانستان جي نيشنل ڊفينس واري وزارت ۽ سيڪيورٽي فورسز چيو آهي ته قنڌار جي ضلعي ارغنداب ۾ عسڪريت پسندن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ 15 عسڪريت پسند مارجي ويا ۽ 7 زخمي ٿي پيا. سيڪيورٽي فورس موجب ڪارروائي دوران عسڪريت پسندن جي هٿيارن ۽ گولابارود کي پڻ تباهه ڪيو ويو. فورسز عسڪريت پسندن جي نصب ڪيل بارودي سرنگن ۽ رستي جي ڪناري تي نصب ڪيل بمن کي ڳولي ناڪاره بڻائي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو