واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته هلندڙ سال جولاءِ تائين 300 ملين آمريڪي شهرين لاءِ ڪورونا ويڪسين ممڪن بڻائي وٺنداسين. آمريڪي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب آمريڪي صدر چيو ته ٽرمپ انتظاميه طرفان ڪورونا ويڪسينيشن پروگرام انتهائي بريت حالت ۾ مليو پر سائنسدانن رڪارڊ وقت ۾ ويڪسين جي دريافت ۾ پنهنجو ڪم ڪيو. هن چيو ته ٽرمپ انتظاميه ڪورونا ويڪسينيشن پروگرام متعلق پنهنجو ڪم نه ڪيو جنهن جي ڪري ايندڙ مهيني تائين ڪورونا سبب فوتگين جو انگ پنج لک کان وڌڻ جو خدشو آهي.
