ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص ۾ آرٽس فائونڊيشن پاران عورتن جي قومي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ عورتن جي تحفظ، ان بابت سرڪاري ۽ غير سرڪاري لاڳاپيل ادارن جي طريقيڪار، ڪردار ۽ بھتر مستقبل جي سلسلي ۾ مقررن بحث ڪندي پنهنجا رايا پيش ڪيا. عورتن جي قومي ڏھاڙي واري ڪانفرنس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شاھدا پروين ۽ ڊاڪٽر سورٺ سنڌو مھمان خاص طور شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جيند مرزا، ڊي ايس پي فضل حق چانڊيو، وومين پروٽيڪشن سيل انچارج فوزيا ناصر، شميم جھنڊير، ڊاڪٽر نصير شيخ ۽ سماجي ادارن جي اڳواڻـن، ميڊيا جي نمائندن، عورتن، ڇوڪرين ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آرٽس فائونڊيشن طرفان مانيٽرنگ آفيسر الماس شاهه عورتن ۽ ڇوڪرين تي ٿيندڙ تشدد ۽ ان جي روڪٿام لاءِ حاصل ڪيل ڪاميابين جي ٽن مھينن واري رپورٽ پيش ڪئي، جنھن ۾ ٻڌايو ويو ته عورتن ۽ ڇوڪرين سان ظلمن ۽ ڏاڍائي جي واقعن ۾ تمام گھڻو اضافو ٿي رھيو آھي، جنھن کي روڪڻ لاءِ سرڪاري، غير سرڪاري ادارن، سياسي، سماجي ۽ مذھبي اڳواڻن توڙي ميڊيا کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. آرٽس فائونڊيشن طرفان عورتن ۽ ڇوڪرين جي قومي ڏھاڙي واري ڪانفرنس ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن سان لاڳاپيل ضلعي سطح تي گورنمينٽ ۽ سماجي ادارن جي نمائـندن تي ٻڌل هڪ پئنل جوڙيو ويو، جنهن ۾ پوليس کاتي سھولتڪار سينٽر جي انچارج افروز چوھاڻ، ڊسٽرڪٽ آفيسر طارق وحيد گڊاڻي، محتسب اعليٰ جي نمائندي آصف منڱريو، سول سوسائٽي اڳواڻ محمد بخش ڪپري، ايڊووڪيٽ عبدالرئوف آرائين ۽ روٽري ڪلب جي صدر رفيق لغاري کي شامل ڪيو ويو، جن پنھنجي ادارن جي ڪم جي طريقيڪار، ڪردار ۽ مسئلن کي سامھون رکندي پنھنجن پنھنجن ادارن جي ڪارڪردگي تفصيلي بيان ڪئي ۽ گڏوگڏ انگ اکر به ٻڌايا. آرٽس فائونڊيشن جي پروگرام مئنيجر زويا شيخ اداري بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته آرٽس فائونڊيشن ھڪ سماجي ادارو آھي، جيڪو سنڌ جي پسمانده طبقي جي عورتن، ڇوڪرين، ٻارن ۽ نوجوانن جي سماجي، معاشي ترقي ۽ بنيادي حقن لاءِ ھر وقت پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي، آرٽس فائونڊيشن ضلعي ميرپورخاص ۾ آڪسفيم ڪئناڊا ۽ گلوبل افيئر فنڊ جي سھڪار سان ”وومين وائيس اينڊ ليڊرشپ- پاڪستان پروجيڪٽ“ تحت عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ انھن ۾ قيادت جون صلاحيتون اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رھي آھي، جنھن تحت آرٽس فائونڊيشن ضلعي ميرپور خاص جي پسماندا طبقي جي عورتن جي حقن ۽ صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ آواز اٿاريندي ”عورتن جي قومي ڏھاڙي“ملھائڻ جو انعقاد ڪيو، جنھن جو مقصد عورتن ۽ ڇوڪرين تي ٿيندڙ تشدد ۽ ان جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ آهي.
203