170

ڀارت ۾ تڪراري قانونن هارين، مزدورن ۽ ننڍن دڪاندارن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي: راهول گانڌي

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪانگريس ليڊر راهول گانڌي چيو آهي ته هاري تڪراري قانونن هارين، مزدورن ۽ ننڍن دڪاندارن  جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي. ڀارتي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي چيو آهي ته اها هارين جي نه سڄي ملڪ جي تحريڪ آهي، تڪراري زرعي قانونن واري معاملي تي ڀارتي پارليامينٽ جي لوڪ سڀا ۾ گوڙ ٿيو، جنهن دوران خطاب ڪندي ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي چيو ته توهان لکي وٺو ته هاري هڪ انچ به پوئتي نه هٽندا، توهان ملڪ جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، انهن قانونن سبب هندوستانين کي بک مان مرڻو پوندو. ڪانگريس ميمبرن احتجاج ۾ جان ڏيندڙ هارين لاءِ بيهي خاموشي اختيار ڪئي، جڏهن ته بي جي پي ميمبر گوڙ ڪندا رهيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو