154

سعودي عرب دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ آمريڪا جو اهم حصو آهي: پينٽاگون

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي دفاع کاتي پينٽاگون جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته سعودي عرب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آمريڪا جو اهم شراڪتدار آهي ۽ هو علائقائي استحڪام کي يقيني بڻائي رهيو آهي. اها ڳالهه هن معمول جي نيوز بريفنگ دوران چئي. هن چيو ته سعودي عرب علاقائي سلامتي جي ڍانچي جو اهم ستون آهي، هو دهشتگردي جي خطري خلاف جنگ ۽ خطي ۾ تخريبي سرگرمين جي مقابلي ۾ پڻ هڪ بنيادي ڌر آهي. جان ڪربي واضح ڪيو ته آمريڪا سعودي عرب کي ان جي سرحدن جي دفاع ۽ نئين پيدا ٿيل خطرن جي مقابلي ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو