اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي مخدوم شاهه محمود قريشي آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ٽوئيٽ جي حوالي سان جوبائيڊن انتظاميه جي ترجمان جي وضاحت جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ڪشمير بابت آمريڪي پاليسيءَ ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ هو اڄ به ان کي هڪ مڃيل تڪرار سمجهن ٿا جيڪو حل طلب آهي. پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ٽوئيٽ سامهون آئي جنهن جو اسان نوٽيس ورتو ۽ فوري طور تي پنهنجو مؤقف پيش ڪيو، مون کي خوشي آهي ته جوبائيڊن انتظاميه جي ترجمان ان جي وضاحت ڪري ڇڏي آهي ته ڪشمير جي حوالي سان سندن پاليسيءَ ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ هو اڄ به ان کي هڪ تسليم ٿيل تڪرار سمجهن ٿا جيڪو حل طلب آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وبا چئلينج بعد دنيا جون معيشتون متاثر ٿيون آهن جنهن جي ڪري عالمي سطح تي هڪ معاشي بحران ڏسڻ ۾ آيو آهي، اهڙي ريت نار وارن ملڪن جون معيشتون پڻ ڪافي متاثر ٿيون آهن، نتيجي طور نوڪرين ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي واپس اچڻو پيو آهي، ان کان علاوه سڄي دنيا ۾ ايئر لائن بزنس بحران جو شڪار ٿيو، هوٽلون، ريسٽورنٽ لاڪ ڊائون پابندي جي ڪري متاثر ٿيا ۽ تعميراتي صنعت پڻ سخت متاٿر ٿي. هن چيو ته مان ڪجهه عرصو پهرين گڏيل عرب امارتن ڏانهن ويس منهنجي يو اي اي جي پرڏيهي وزير سان تفصيلي ملاقات ٿي. هن وضاحت ڪندي چيو ته يو اي اي جا خدشا پاڪستان جي حوالي سان مخصوص نه آهن اسان سندن خدشا ختم ڪري رهيا آهيون، اسان جون ڳالهيون جاري آهن، انشاءَ الله بهتريءَ جا امڪان آهن. هن چيو ته مشن امن 21 اسان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، 40 ملڪن جون سامونڊي فوجون انهن مشقن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، بليو اڪانامي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ آئون جلد نيول چيفس جي دعوت تي ڪراچي وڃي رهيو آهيان.
182