لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ سينيٽ جي چونڊ ۾ پئسي جي مداخلت ۽ ووٽن جي خريد ۽ وِڪري خلاف داخل درخواست جي ٻُڌڻي جوڳي هجڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس عاصم حفيظ درخواست تي شروعاتي ٻُڌڻي ڪئي. درخواستگذار طارق جاويد اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان داخل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سينيٽ جي چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن پنهنجي ذميواري پوري ناهي ڪري رهي، چونڊن ۾ ووٽن جي خريد ۽ وِڪري جو هڪ وڊيو به سامهون آيو آهي، سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪرپشن، پئسي جو عمل دخل ۽ ووٽ جي خريد ۽ وِڪري جو خدشو آهي. درخواستگذار نشاندهي ڪئي ته اليڪشن ڪميشن آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 218 (3) ۽ 220 تي عمل ناهي ڪري رهي، اليڪشن ڪميشن کي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي.
147