143

پي ڊي ايم سرڪاري ملازمن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام رهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پي ڊي ايم پوري ڪوشش ڪئي ته هو سرڪاري ملازمن کي ورغلائي سگهي، جنهن ۾ هو بُري طرح ناڪام رهي، الحمدلله وزيراعظم عمران خان گريڊ هڪ کان 19هين تائين مرڪزي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو جو اضافو ڪري ڇڏيو ۽ صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي به اسان جي هدايت تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، پمز جي ڊاڪٽرن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان اسان جو معاملو سٺي طرح طئي ٿي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ ڪيو. شيخ رشيد چيو ته موجوده حڪومت ناموس رسالت جي تحفظ لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم ناله لئي لاءِ به 70 ارب جاري ڪرڻ جا حڪم ڏنا آهن ته جيئن ٻن سالن اندر ناله لئي کي مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته اهو منصوبو راولپنڊيءَ جو نقشو بدلائي ڇڏيندو ۽ وزيراعظم عمران خان ان منصوبي تي فوري طور ڪم شروع ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو