اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت لاڳيتو ٽين ڏينهن به بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾نيپرا بجلي هڪ روپيو 95 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ بجلي جو في يونٽ اگهه 14.38 روپين مان وڌي 16.33 رپيا في يونٽ مقرر ڪيو ويو آهي. اها 50 يونٽ استعمال ڪندڙن تي به لاڳو ٿيندي. نيپرا هڪ ڏينهن اڳ پڻ في يونٽ جي اگهه ۾ 83 پيسن جي واڌ ڪئي هئي ۽ ٻه ڏينهن اڳ 10 فيبروريءَ تي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ پڻ في يونٽ جي اگهه ۾ هڪ روپيو 53 پيسن جي واڌ ڪئي هئي. اهڙي ريت ٽن ڏينهن ۾ گڏيل طور تي بجليءَ جي في يونٽ ۾ 4 روپيا 31 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي. ٻي پاسي نيپرا چيو آهي ته بجليءَ جي اگهه ۾ واڌ وفاقي حڪومت جي درخواست تي ڪئي وئي آهي، ان فيصلي سان بجلي استعمال ڪندڙن تي 200 ارب روپين جو واڌو بار پوندو. نيپرا وڌيڪ چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اها واڌ ڪراچي واسين تي لاڳو نه ٿيندي. نوان اگهه وفاقي حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کان پوءِ لاڳو ٿيندا.
148