ملير (رپورٽ: سامي ميمڻ) ملير ۾ شاگردياڻي اغوا، اجتماعي لڄالٽ، شاھ ٽائون واسي پرائمري استاد ۽ پ ٽ الف بن قاسم ٽائون جي صدر سليمان راڄپر جي 16 ورهين جي ڌيءُ يارهين ڪلاس جي شاگردياڻي بشريٰ راڄپر گلشن حديد فيز ٽو جي گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج جي دروازي تان هٿياربندن هٿان اغوا چوويھن ڪلاڪن بعد نيم بيهوشي جي حالت ۾ ڊفينس جي علائقي مان پوليس کي هٿ آئي، پوليس پاران وارثن کي اطلاع ڏنو ويو، وارثن پهچي شاگردياڻي بشريٰ راڄپر کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو، جتي ڊاڪٽرن پاران نياڻي سان اجتماعي زيادتي جي تصديق ڪئي وئي.ان موقعي تي مبينا زيادتي جو شڪار ٿيل شاگردياڻي تي بشريٰ هوش ۾ اچڻ کان پوءِ واقعي بابت پنهنجي پيءُ سليمان راڄپر کي ٻڌايو جنهن کان پوءِ سليمان راڄپر پاران اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي ٻن نامزد جوابدارن سميت پنجن ڄڻن تي بشريٰ کي اغوا ڪري اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، اسٽيل ٽائون پوليس ٻن نامزد جوابدارن فواد ۽ سميع گرفتار ڪري ورتو آهي، ٻئي طرف اسٽيل ٽائون پوليس پاران نياڻي سان اجتماعي زيادتي جي تصديق ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ اجتمائي ڏاڊائي جي تصديق ٿي ويئي آهي، ٻه مک جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن وڌيڪ جوابدرن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هڻي رهيا آهيون.
191