ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) والاريل ڪشمير جَي پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ لاءِ چيف سيڪريٽري طرفان سڄي سنڌ جَي ڊي سيز کي ليٽر جاري ٿيڻ جو انڪشاف، ڊي سي سجاول طرفان سامونڊي پٽي جَي تعلقن جاتي ۽ شاهه بندر ۾ خالي پيل ساڍا 6 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين جِي رپورٽ چيف سيڪريٽري حوالي ڪئي وئي آهي، ڊي سي سجاول اسماعيل ميمڻ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته آزاد ڪشمير مامرن جي وزارت طرفان ڪشميري پناهگيرن کي ترسائڻ جي حوالي سان سنڌ سوڌو چئني صوبن ڏانهن ريفرنس اُماڻيا ويا هئا، سنڌ سرڪار رڳو سجاول نه، پر سمورن ضلعن جي ڊي سيز کان خالي پيل زمينن جا تفصيل طلب ڪيا آهن، سجاول ضلعي ۾ رڳو ٻن تعلقن اندر خالي پيل زمين جي رپورٽ سنڌ سرڪار ڏانهن اُماڻي آهي، زمين کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتو ڪندو. ٻئي طرف سجاول مان چونڊيل پ پ ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي چيو آهي ته حڪومت سنڌ ڪشميرين کي زمين ڏيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، پ پ سنڌ جي عوام خلاف ڪو قدم نه کڻندي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد علي ملڪاڻي چيو ته سنڌ ۾ زمين ڪشميرين کي ڏيڻ بابت وڏو وزير لاعلم آهي، وڏي وزير سان اڄ سندس ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ وڏي وزير چيو ته ڪشميرين کي سنڌ ۾ زمين ڏيڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ٿيو.
115