160

لاڙڪاڻي ڀرسان 2 معصوم ڀينرون گم، اغوا جو شڪ، وارثن پاران ڳولا ۾ مدد جي اپيل

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي مان 2 معصوم نينگريون مبينا طور گم ٿي ويون  آهن. گذريل ڏھاڙي حيدري ٿاڻي جي حد سبزي منڊي واري علائقي مان 2 ورھين جي انجلي ۽ 8 ورھين جي ٺاڻي ڌيءَ محمد رفيق شيخ پراسرار نموني گم ٿي ويون.  محمد رفيق ٻڌايو ته ڳوٺ پارو مان سرور ڪالوني مائٽن ڏانهن نينگريون آيون ته گم ٿي ويون آهن، خدشو آهي ته کين اغوا نه ڪيو ويو ھجي، حيدري ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي، ڪا به مدد ناھي ڪئي وئي، سخت پريشان آھيون، ايس ايس پي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي نينگريون واپس ڪرائڻ ۾ مدد ڪري.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو