اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد پوليس هاءِ ڪورٽ تي حملي واري ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسلام آباد پوليس پاران هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، جنهن تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته پوليس جي سينيئر آفيسرن جي سربراهي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي ويندي. معزز چيف جسٽس جو چوڻ هو ته اسان تي وڪيلن جي بحالي واري تحريڪ جي 90 شهيدن جو قرض آهي، احتجاج جي ضرورت نه هئي، چيف جسٽس بڻجڻ کانپوءِ ڪچهري لاءِ ڪم ڪيو. جسٽس اطهر من الله چيو ته جي آءِ ٽي بار صدرن سان ڳالهيون ڪري نشاندهي ڪنداسين. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي بابت هڪ ڪيس ۾ جسٽس اطهر من الله جو چوڻ آهي ته ان ڏينهن جيڪي هتي آيا هئا اهي سڀ وڪيل هئا، ٻاهريون ڪوبه نه هو، جڏهن ته اڌ کان وڌيڪ ماڻهن کي مان سڃاڻان ٿو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ هاءِ ڪورٽ تي حملي کانپوءِ وڪيلن جي گرفتارين ۽ کين حراسان ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته توهان سڀني کي خبر آهي ته اهي ماڻهو ڪير هئا، جن هتي حملو ڪيو، مون خط لکيو آهي، هاڻي ريگوليٽر طرف ڏسي رهيا آهيون ته اهي ڇا ٿا ڪن. جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته جيڪي هتي آيا هئا اهي سڀ وڪيل هئا ۽ ٻاهريون ڪوبه نه هو، اڌ کان وڌيڪ ماڻهن کي مان سڃاڻان ٿو، ٻنهي بارن جي صدرن کي چيو هو ته اهي هتي اچن پر اهي هتي نه آيا، جن تقريرون ڪيون، جن انهن کي مڇرايو انهن جي نشاندهي بار ڪن. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته 70 سالن کان ڪچهري لاءِ ڪجهه نه ٿيو، هن حڪومت ڪچهري تمام گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، هن حڪومت پي ايس ڊي پي مان ڪچهري منتقلي فنڊز جي منظوري ڏني، هاڻي ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي، اسان ته قانون جو ئي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا، حڪومت ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس تي ڪم ڪري رهي آهي.
138