پشاور (ويب ڊيسڪ) ڪپور حويلي جي مالڪ حڪومت جي مقرر ڪيل ڏيڍ ڪروڙ رپين واري قيمت رد ڪندي عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪپور حويلي جي مالڪ علي قادر جو چوڻ آهي ته حويلي جنهن علائقي ۾ اتي زمين جي قيمت 4 ڪروڙ في ايڪڙ آهي، ڪپور فيملي انٽيڪ آهي ۽ انٽيڪ جو اگهه وڌيڪ هوندو آهي، ان لاءِ حڪومت کان 2 ارب رپين جي ڊمانڊ ڪئي آهي.
