ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شاهه فيصل ڪالوني پل تي تيز رفتار ڪار رينجرز جي موبائل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٻن رينجرز اهلڪارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ايس ايڇ او شرافي ڳوٺ عديل شاهه مطابق حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري گشت تي مصروف رينجرز موبائل جي پويان وڃي لڳي، نتيجي ۾ هڪ حوالدار طفيل فوت ٿي ويو آهي.
