227

سينيٽ چونڊن بابت تڪراري وڊيو: جاچ ڪميٽي ٽي او آرز تيار ڪري ورتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري بابت تڪراري وڊيو جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي ٽي او آرز تيار ڪري ورتا آهن. رپورٽن مطابق 2018ع جي سينيٽ چونڊن ۾ ووٽن جي خريداري جي جاچ لاءِ وزيراعظم پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري، انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري ۽ خاص صلاحڪار شهزاد اڪبر انساني حقن واري وزير جي آفيس کي سيڪريٽريٽ ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي ٽي او آرز تيار ڪري ورتا. ڪميٽي ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندڙ صحافي کي به گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، ان کانسواءِ ڪميٽي ماڻهن کي به اپيل ڪئي آهي ته جن وٽ هن واقعي جي پهرين ڄاڻ هئي يا ڪنهن وٽ به ان بابت وڌيڪ ڄاڻ هوندي، اهي لکت يا ذاتي طور تي شيئر ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو