ليکڪ: زين سولنگي
جڳ مشهور شاعر فيض احمد فيض 13 فيبروري 1911ع ۾ سيالڪوٽ شهر ۾ پيدا ٿيو، هن عربي ۽ فارسي جي تعليم شمس العلماءَ ميرحسن کان حاصل ڪئي، جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ تمام وڏو عالم هو ۽ علامه اقبال جو استاد رهي چڪو هو، فيض مئٽرڪ اسڪاچ مشن هاءِ اسڪول سيالڪوٽ مان فرسٽ ڊويزن ۾ ڪئي ، مري ڪاليج سيالڪوٽ مان انٽرميڊئيٽ پاس ڪرڻ بعد فيض لاهور اچي ويو، اتي گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتي جتان بي اي، پوءِ اردو ۽ انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين، فيض لاهور مان تعليم وٺڻ بعد ملازمت جي تلاش ڪئي ۽ امرتسر مئو ڪاليج ۾ انگريزي ادب جو استاد مقرر ٿيو . فيض ڪجهه تنهائي پسند، گهٽ ڳالهائو ۽ شرميلو هو، هن شاعريءَ جي شروعات شاگردي واري دور کان ڪئي هئي ۽ ان وقت جي رسالن ۾ سندس شاعري ڇپبي هئي ۽ هو مشاعرن ۾ به شوق سان شاعري پڙهي داد وٺندو هو، ان زماني ۾ فيض جي شاعري دنيا جي ادب ۾ هڪ هلچل پيدا ڪري ڇڏي هئي، دهلي ۽ لکنئو ۾ ماڻهو هڪٻئي کان حيرت مان پڇندا هئا ته هي نئون شاعر ڪير آهي، جنهن جي شاعري جا موضوع نوان ۽ پختا آهن ۽ ان ۾ انقلابي رنگ سمايل آهي.امرتسر ۾ فيض جي ملاقات ڊاڪٽر دين محمد تاثير سان ٿي جيڪو مئو ڪاليج ۾ پرنسپل هو ۽ هو فيض جو هم خيال هو . ڊاڪٽر تاثير انهن ڏينهن ۾ انگلستان مان واپس آيو هو . ڊاڪٽر تاثير سان فيض جي گَهِري دوستي ٿي وئي ۽ هو ان جي گهر ايندو ويندو هو ، جتي سندس ملاقات ايلس سان ٿي ، جنهن ملاقات فيض جي زندگي بدلائي ڇڏي . فيض 1941ع ۾ ايلس سان شادي ڪئي جنهن مان ٻه نياڻيون سليمه ۽ منيزه ڄايون، 1946ع ۾ ميان افتخارالدين جي قائم ڪيل اشاعتي اداري پروگريسيو پيپرز لميٽيڊ طرفان جاري ڪيل روزنامه پاڪستان ٽائيمز جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ان اخبار تمام گهڻي مقبوليت ماڻي ، ماڻهو هر صبح پاڪستان ٽائيمز جو انتظار ڪندا هئا جنهن ۾ فيض جو لکيل ايڊيٽوريل پڙهڻ لاءِ ملندو هو، پاڪستان ٺهڻ بعد فيض انهيءَ اداري جي زير اهتمام روزنامه امروز ان کانپوءِ هفتيوار ليل و نهار جاري ٿيو ته فيض انهن ٽنهي ادارن جو چيف ايڊيٽر مقرر ٿيو، انهيءَ دوران فيض ٽريڊ يونين فيڊريشن جو نائب صدر مقرر ٿيو ۽ مزدورن جي اڳواڻ جي حيثيت سان آءِ ايل او جي جنيوا اجلاس ۾ شرڪت ڪئي . فيض کي 1951ع ۾ گرفتار ڪيو ويو فيض سرگوڌا، لائل پور ۽ حيدرآباد جيل ۾ رهيو، سيپٽمبر 1955ع ۾ ان کي آزادي ملي ، هڪ دفعو ٻيهر به فيض کي گرفتار ڪيو ويو هو پوءِ اپريل 1959ع ۾ آزادي ملي هئي . فيض جيلن ۾ هوندي به شاعري ڪندو رهيو ، فيض مزدور، محنت ڪش، هارين ۽ ٻين طبقن جي ڏک ۽ غم جي سچي ترجماني ڪئي .1964ع ۾ فيض کي حڪومت روس جي طرفان ” لينن امن “انعام مليو ، جناب ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت ملڪ جو پرڏيهي وزير هو، صرف شهيد ڀٽو واحد شخص هو جنهن فيض کي ان انعام ملڻ تي مبارڪباد ڏني، فيض نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جو چيئرمين رهيو، پوءِ هو اسلام آباد ۾ رهڻ لڳو اتي ايلس فيض پاڪستاني دستڪاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو ، ان دور ۾ فيض چائنه جو دورو به ڪيو . فيض جي اها نوڪري ايترو وقت نه هلي سگهي بعد فيض ڪراچي هليو آيو ، جتي هن ڪراچي جي پراڻي ۽ تاريخي علائقي لياري جي کڏا مارڪيٽ ۾ حاجي عبدالله هارون ڪاليج ۾ پرنسپل طور جوائن ڪيو ، اتي ڪافي عرصو رهيو، فيض جي دلي آرزو صرف اها هئي ته دنيا کي سنوارڻ وارا ماڻهو بدحال نه رهن اهي عزت ۽ خوشحاليءَ سان پنهنجي زندگي گذارين، فيض جي پوري زندگي ۽ شاعري جدوجهد سان سلهاڙيل آهي ۽ فيض امن ۽ محبت جو شاعر هو . هيءُ هڪ انسانيت ۽ دنيا سان گَهِري محبت ڪرڻ وارو شاعر هو ، جتي انسان پنهنجي ناداني جي ڪري دنيا جي حسن کي تباهه ڪندا هئا ۽ هڪٻئي سان ظلم ڪندا هئا ته فيض جي دل تڙپي اٿندي هئي ، انهن واقعن ۽ منظرن کي به پنهنجي شاعريءَ ۾ آندائون، هن پنهنجي قلم ۽ ڪمال جي فن سان پڙهڻ وارن جي دل ۾ به محبت ۽ اتساهه پيدا ڪيو، فيض پنهنجي زندگيءَ ۾ صلح پسند هو ڪنهن به انسان سان نفرت نه ڪندو هو . فيض جي ڪتابن جا نالا هن ريت آهن : نقش فريادي 1941ع ، دستِ صبا 1953ع ، زندان ناما 1956ع ، دست تهه سنگ 1965ع ، سرواديءَ سينا 1971ع ، شامِ شهر ياران 1979ع ، مِري دل مِري مسافر 1981ع ، انهن کان علاوه فيض نثر ۾ هن جي مضمونن جو هڪ ڪتاب ” ميزان “ 1956ع ۾ شايع ٿيو هو . جيل مان لکيل خطن تي مشتمل ڪتاب ” صليبين مِري دريچي مين “ ۽ ” مه و سال آشنائي “ جي نالن سان شايع ٿيا هئا . ان جي ڪليات ” نسخه هائي وفا “ جي نالي سان 1984ع ۾ شايع ٿي جنهن ۾ ڪجهه اهڙا به نظم آهن جيڪي پهريان ڇپيل نه هئا . فيض جي شاعريءَ کي ڪيترن ئي مقبول ۽ معروف فنڪارن ڳايو آهي جن ۾ مهدي حسن ، فريده خانم ۽ اقبال بانو وغيره اچي وڃن ٿيون . نورجهان ان جو هڪ بهترين نظم ڳايو آهي جنهن جي پهرين مصرعه آهي.
مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ
فيض جي شاعريءَ لکين ماڻهن جي دلين کي متاثر ڪيو.اردو شاعريءَ جو هيءُ ماياناز ترقي پسند شاعر نومبر 1984ع ۾ وڇڙي ويو.