ليکڪ: بشير جانوري
دردن جي دنيا به عجيب ٿئي ٿي.ھر ماڻھو جو درد ھڪجھڙو ٿئي ٿو پر الائي ڇو پنھنجو درد بنسبت ٻين جي وزني لڳندو آھي.ڳوڙھا خوشي مان به نڪرندا آھن ته تڪليف مصيبت ۾ ظاھر ٿي پوندا آھن.پاڻي ٻنھي جو ساڳيو ھوندو آھي پر فرق اھو ھوندو آھي ته پنھنجين اکين مان نڪتل ڳوڙھا تڪليف ڏيندڙ ۽ ھينئون ٻه اڌ ڪري ڇڏيندا آھن جڏھن ته ٻين جا ڳوڙھا بارش جي پاڻي جيان محسوس ٿيندا آھن، جيترو درد پنھنجن ڳوڙھن جو محسوس ٿئي ٿو اوتروئي ٻين انسانن جو محسوس ڪبو ته ھوند دنيا جنت جو ڏيک ڏيڻ لڳندي.احساس انسان سان سلھاڙيل ھوندو آھي .جنھن انسان وٽ احساس آھي درد آھي ٻين جي تڪليف کي سمجھي انسانيت ناتي مدد ڪري ٿو پوءِ چاھي مالي ھجي يا لفظي اھو ئي انسان اعليٰ مرتبي تي پھچي ٿو ۽ خدا تعالي جو پسنديده بندو بڻجي ٿو، احساس بنا انسان ان جانور مثل آھي جيڪو کائي پي بي مقصد مري وڃي ٿو. اسين سڀ انسان انائن جا پوڄاري ٿي چڪا آھيون.انا انسان کي تباھي جي رستي تي آڻي بيھاريو آھي، سنڌ جو نالي وارو دانشور علي احمد بروھي پنھنجي ڪتاب ”سڏن مٿي سڏڙا“ ۾ لکي ٿو ته جيڪڏھن ملڪ جو بادشاھ به ڏندڻ نه ڏئي گرڙيون ڪري وات ۽ گلو صاف نه ڪري مٿي ۾ تيل ڦليل نه وجھي غسل ڪري ڌوتل ڪپڙا نه پائي ۽ ھار سينگار يا عطر عنبر ۽ وسيلا استعمال نه ڪري ته ھو ھڪ بدبودار ڍونڍ جيان ڪنھن به حالت ۾ ڪراھت واري ڪيفيت کان بچي نه سگھندو جو انھن اڀاڳن ڀنگين جو نصيب آھي جيڪي ڪرفتي جو ڪاروبار ڪندڙ آھن.سچ ھي آھي ته انساني جسم ھڪ گندو ۽ بدبودار ڍونڍ آھي جنھن کي فقط اکين وارا ڏسي سگھن ٿا. انسان حقيقت ۾ بدبودار جيو آھي وٽس پنھنجو ڪجهھ ناھي.ھو ڄمڻ ۽ مرڻ جي وچ ۾ ڌرتي تي جيڪي ڪلور ڪري ٿو جيڪي ظلمتن جا پھاڙ ڪيرائي ٿو منجھس جيڪا وحشت، لوڀ ۽ لالچ پيدا ٿئي ٿي تنھن جو ڪاٿو ئي ناھي.ھو پنھنجو پاڻ کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جيڪي عمل ڪري ٿو سي سڀ آخرت جي موڙي اٿس ۽ جڏھن انسان سڀ ڪڌا عمل ڪري اک ٻوٽي ٿو تڏھن اک کليس ٿي ته مار دنيا ته دم گذر آھي، ڪيئي تونگر آيا ڪيئي بادشاھ رئيس وڏيرا آيا سڀئي ھٿين خالي ويا.جيترو وڏو عھدو اوتري وڏي ذميواري جيتري وڏي بادشاھي اوتري گھڻي پڇا.ان ڪري ته درويش بزرگ تخت تاج کي ترڪ ڪري فقيري گودڙي کڻي الله الله ڪندا رھيا.اڄ انھن بزرگن جي مقبرن تي ھزارين ماڻھن جي آمد ٿئي ٿي.ھزارين ماڻھو بزرگن جي آڳنڌ ۾ اچي قلبي سڪون ماڻين ٿا.سڪون پيسي مال ملڪيت ۾ ھجي ھا ته دارا ڌر تتي جو رڻ پٽ نه جھاڳي ھا، لطيف جبلن رڻن پٽن ڍنڍن ڍورن جو سفر نه ڪري ھا، فقيري جو مزو ئي پنھنجو آھي لطف ئي نرالو آھي.اچو ته ويھي ويچار ڪيون ته آخر ڪيتري زندگي جيئنداسين.ھن خوابن واري دنيا ۾ ڪيتري قدر مال ملڪيت گڏ ڪنداسين.ھتان وڃڻ کان پوءِ آخرت جي زندگي ابدي آھي.جتي واري جي داڻي جيترو به حساب ڪتاب ٿيندو.سڪندر اعظم اڌ دنيا جو بادشاھ ھو جڏھن ھن دنيا مان موڪلاڻي ڪيائين ته ھٿين خالي ويو.اڪبر اعظم برصغير تي اڌ صدي تائين حڪومت ڪئي پر مرڻ پڄاڻان ھٿين خالي روانو ٿيو.ھٽلر جنھن لکين ماڻھن جو ڪوس ڪرايو.ظلمت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا مختصر زندگي ماڻي ھٿين خالي روانو ٿيو.سو سمورن ماڻھن کي ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھلڻو آھي.اڳي يا پوءِ ثمر سموئي وڏي در حاضري ڀرڻي آھي.پوءِ ھي جھيڙا، حملا، ھلائون ۽ ٻين کي ايذائڻ ۽ آزرڻ جو ڌنڌو آخر ڇو پيا ڪريون.جيڪڏھن سڀني کي ھٿين خالي ئي ھلڻو آھي ۽ اڳتي جو ثمر ماڻھن جو دعائون ۽ عبادتون آھن ته پوءِ اچو ته خدا جي بندن کي راضي ڪيون.کين ڏک نه پھچايون.خدا تعالي کي راضي ڪرڻ جو اھو ئي واحد وسيلو ۽ ذريعو آھي.