268

تعليم جا سماجي ترقي تي پوندڙ اثر…

ليکڪ: جان محمد شر

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هر ملڪ ۽ سماج ترقي کي ڇهڻ جي خواهش رکي ٿو ۽ انهن مان کي ملڪ يا سماج ان جاءِ تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته ڪي وري نا ڪام، هر هڪ ملڪ جي ترقي ان جي تعليم جي معيار سان تعلق رکي ٿي، جنهن ملڪ جو تعليمي نظام بهتر هوندو اوترو ئي اهو ملڪ ترقي جي ويجهو هوندو. ڇو ته سٺي تعليم ترقي جي آثارن مان هڪ اهم آثار آهي، جيڪڏهن اسان ترقي يافتا ملڪن يا ترقي طرف وڌندڙ سماجن جي فهرست ۾ نظر ڊوڙايون ٿا ته پنهنجي حالت ڏسندي اسان ٿڪاوٽ جو شڪار بڻجي مايوس ٿيون ٿا ۽ ذهن ۾ هڪ سوال اڀري اچي ٿو ته اسان جي سماج جو شمار انهن سماجن ۾ ڇو نٿو ڪيو وڃي، جيڪي سماج پنهنجي خوابن جي ساڀيان ۾ رڌل آهن، جيڪي سماج پنهنجي مستقبل سنوارڻ لاءِ بيچين آهن. جيڪي سماج ايندڙ نسلن جي استقبال لاءِ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي انهن کي سکن جا تحفا ڏين ٿا، ان ناڪامي جو فقط هڪ ئي سبب آهي جيڪو اهي اسان جو مدي خارج تعليمي نظام آهي،  جيڪڏهن هن غريب ۽ پورهيت عوام جي اولاد کي سٺي تعليم ڏجي ته اهي برابري ۽ سراسري واري نظام کي تشڪيل ڪندا، جنهن ۾ هر فرد جي دماغ ۾ انقلابي سوچ پيدا ٿيندي ۽ هر فرد کي پنهنجن حقن جي خبر پوڻ سان گڏوگڏ انهن حقن جي حاصلات جي خواهش پڻ ٿيندي، جنهن ۾ محترم ابراهيم جويو ۽ رسول بخش پليجي جهڙا عظيم اڳواڻ وري وري جنم وٺندا. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙا عظيم اڳواڻ جنم  وٺندا  ۽ شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جهڙي ليڊر عوام سان ٿيندڙ ناانصافي جو ساٿ ڏيندا ۽ ڪهڙي به صورت ۾ غريب ۽ پورهيت عوام جا حق ڦٻائڻ نه ڏيندا ۽ سرمائيدارن جو وجود ختم ڪري ڇڏيندا، اهو ئي سبب آهي جو سنڌي عوام کي تعليم جهڙي طاقتور هٿيار کان پري رکي ذهنن کي غلام بڻايو ويو آهي، جيئن ڪنهن ۾ به ڪو سوال ڪرڻ يا ڪنهن حڪم ڪي مخالفت ڪرڻ جيتري طاقت نه هجي جيئن چيو ويندو آهي ته جنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته فقط ان قوم جي تعليم کي توهان نشانو  بڻايو پوءِ سموري قوم تباهه ٿي ويندي. سنڌي قوم سان به ساڳي راند رچائي وئي آهي، ڪنهن به علائقي جي هڪڙي اسڪول يا ڪاليج کي ناهي بخشيو ويو، سموري سنڌ جي تعليمي ادارن کي تباهه ڪيو ويو آهي، هڪ استاد ئي آهي جيڪو سماج جي ڪچن ذهنن ۾ سڌارا آڻيندو آهي جيڪو  شاگردن کي بهترين تعليم ڏئي انهن کي تربيت ۽ شعور سان روشناس ڪندو آهي، جيڪو سماج ۾ صحت جي بهتري لاءِ ڊاڪٽرن کي جنم ڏيندو آهي. جيڪو عمارتون ۽ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرڻ لاءِ انجنيئرن کي جنم ڏئي ٿو، جيڪو سماجي ڀلائي لاءِ شاگردن جي وجود ۾ اتساهه پيدا ڪري ٿو، جيڪو سماج جي ترقي لاءِ نوان گس بڻائي ٿو، پر بدقسمتي سان اسان جا اسڪول اهڙي قسم جي استادن کان محروم آهن، جنهن قوم جا استاد پاڻ ئي تعليم جهڙي زيور کان محروم هجن ته ان قوم جا شاگرد ڪهڙو مريخ تي پهچي، پنهنجي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. تعليم تباهه هجڻ سان اسڪولن ۽ ڪاليجن مان شاگرد فقط نالي ماتر ڊگريون حاصل ڪن ٿا، جن وٽ تعليم جو ڪو هڪ به آثار نظر نٿو اچي، هڪ ته اسان جي سماج ۾ نوڪرين لاءِ اڳئي جايون گهٽ آهن ٻيو وري جڏهن هزارين شاگرد فقط نالي ماتر ڊگريون کڻي ڪنهن هڪ ئي اداري ۾ ڀرتي لاءِ وڃن ٿا ته اتي تقريبن 97 سيڪڙو اميدوار فيل ٿين ٿا جنهن جي ڪري بيرورگاري جنم وٺي ٿي ۽ عوام پنهنجي نصيب تي مجبور ٿئي ٿو، خودڪشين جو انگ هر نئين ايندڙ سال واڌ کائي ٿو ۽ خودڪشين جي ڪري اسان جو سماج پٺتي پيل سماجن جي فهرست ۾ شامل ٿئي ٿو، صرف خودڪشيون ئي تعليم جي تباهي جو نتيجو نه آهن، سٺي معيار جي تعليم نه هجڻ سان ادارن کي هلائڻ لاءِ اهل ۽ قابل ماڻهو به اڻلڀ ٿي پون ٿا، جيڪڏهن اسان پنهنجي سماج ۽ قوم کي ترقي يافتا سماجن ۽ قومن جي فهرست ۾ ڏسڻ چاهيون ته اسان کي تعليم جي معيار ۾ بهتري آڻڻي پوندي، سماج جي هر هڪ فرد کي تاريخ، ادب، فلسفي، مذهب ۽ سائنسي ڪتابن سان دوستي رکڻي پوندي ۽ ڏينهن رات محنت ڪري نه فقط پاڻ کي مطالعو ڪرڻو پوندو پر سماج ۾ رهندڙ هر هڪ فرد ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻو پوندو، سنڌ جي تقريبن 70 سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ رهي ٿي ان لاءِ اسان کي ڳوٺن ۾ رهندڙ شاگردن جي تعليم  تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو