123

سائبر سيڪيورٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پهرين سنڌياڻي ڊاڪٽر فوزيه ادريس ابڙو….

ليکڪ: صادقه خان

منهنجا ٻه ٻار آهن پر انهن جي پيدائش کان اڳ گهڻي ڪم ۽ حوصلي وارو ماحول نه هجڻ سبب ڪيترائي ڀيرا منهنجي مس ڪيرج به ٿي، اهو دور يقينن زندگي جو هڪ ڏکيو دور هو، جڏهن ٻارن جي پيدائش کانپوءِ مون کي پنهنجي فيلڊ ۾ ڪامياب رهڻ لاءِ سخت مقابلو آڏو هو پر منهنجي مڙس ۽ فيملي جي مدد هر قدم تي مون سان گڏ رهي، جنهن سبب آئون اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ٿيس، منهنجي والدين شروع کان ئي منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري ڇڏي هئي ته ڪو به وڏو ڪم محنت ۽ قربانين کانسواءِ سرانجام نٿو ڏئي سگهجي، اهو چوڻ هوپاڪستان ۾ سائبر سيڪيورٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پهرين حاضر سروس عورت سائبر سيڪيورٽي تجزيي نگار ڊاڪٽر فوزيه ادريس ابڙو جو، جنهن جو تعلق سنڌ جي هڪ ڳوٺاڻي علائقي سان آهي، هن مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئر ڄامشورو مان اليڪٽرانڪس ۾ ڊگري کانپوءِ سٽي يونيورسٽي لنڊن مان ڪرپٽالاجي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ هن وقت پاڪ فوج جي سائبر سيڪيورٽي ونگ سان لاڳاپيل آهي، مال ويئر جي سڃاڻپ ۽ روڪڻ نيٽ ورڪ ۽ موبائل سيڪيورٽي مشين لرننگ انٽرنيٽ آف ٿنگز ۽ مصنوعي ذهانت ڊاڪٽر فوزيا ابڙو جي خاص دلچسپي وارا شعبا آهن، هوءِ ٻڌائي ته آئون پنهنجي اباڻي علائقي جي پهرين عورت پي ايڇ ڊي ۽ پاڪستان جي پهرين عورت آهيان جنهن سائبر سيڪيورٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، ڊاڪٽر فوزيا ٻڌايو ته مون شروع ۾ اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ ۽ پوءِ پاڪ فوج جي چونڊ ڪئي، جن کي عام طور تي مردن جي اجاراداري وارا شعبا سمجهيو وڃي ٿو، پر آئون شروع کان ئي رسڪ کڻڻ ۽ اهڙا چئلينجنگ ڪم ڪرڻ جي خواهش رکندي هئس جيڪي پاڪستاني عورتن ۽ خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين لاءِ هڪ مثبت ۽ روشن مثال بڻجي سگهن، سندس چوڻ هو ته ڪيترين ئي نين فيلڊن ۾ پهرين عورت بڻجڻ جي اعزاز جو ذڪر ڪرڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته پنهنجا تجربا شيئر ڪري پاڪستاني عورتن کي ڪجهه غير معمولي ڪرڻ طرف راغب ڪرڻ چاهيان ٿي، جيڪڏهن اوهان عزم رکو ٿيون ۽ اهو ڄاڻو ٿيون ته اوهان کي ڇا ڪرڻو آهي ته راهه ڏکي ته ضرور هوندي آهي پر اوهان کي روڪي نه سگهندي، سندس چوڻ آهي ته پاڪستاني عورتن کي جيڪي وڏا چئلينج آڏو آهن، انهن ۾ صنفي بنيادن تي نفرت، جنسي هراس، صنفي فرق ۽ اهڙي ڪلچر جي مڪمل کوٽ جتي سائنسي فيلڊن ۾ عورتن جي ڪم ڪرڻ کي خراب نه سمجهيو وڃي پر مرد ۽ عورتن کي اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن.پاڪستان ۾ سائبر سيڪيورٽي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر فوزيه جو چوڻ هو ته پاڪستان 2019ع ۾ پنهنجي سائبر سيڪيورٽي تي ڪم جي شروعات ڪئي هئي پر اهو ڪم اڃا تائين رولڙي جو شڪار آهي، جنهن جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته اسان وٽ اهو فريم ورڪ نه آهي، جنهن جي ذريعي پهريان ان بابت مختلف اسٽيڪ هولڊرز هڪ پاليسي ٺاهين ۽ پوءِ سائبر سيڪيورٽي پروفيشنلز ان جو تجزيو ڪري سگهن، پاڪستان ۾ معاشرتي روين، سماجي ۽ مذهبي حدن ۽ قانونن سبب عورت اسٽيم (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي) ۾ ڪيريئر ٺاهڻ کان لهرائين ٿيون، پر هن شعبي ۾ ڊاڪٽر فوزيه اڪيلي پاڪستاني عورت نه آهي جنهن نه صرف روايتي طور تي مردن لاءِ مختص ڪيل سائنس جي شعبن ۾ ڪامياب ڪيريئر بڻايو آهي پر ملڪ اندر وسيلن جي کوٽ باوجود سائنسي تعليم جي شمع روشن ڪرڻ لاءِ ٻيون به عورتون ڪوششن ۾ آهن ۽ اهڙين عورتن ۾ زرتاج احمد به شامل آهي، جيڪا پاڪستان اسپيس سائنس ايجوڪيشن سينٽر جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ پيشي جي لحاظ کان سافٽ ويئر انجنيئر آهي، جيڪا پاڪستان ۾ خلائي سانئس جي واڌاري لاءِ هڪ ڏهاڪي کان مسلسل ڪوششن ۾ آهي، سندس قائم ڪيل اداري ۾ ٻارن کي اسٽيم ايجوڪيشن جي جديد طريقن ذريعي هينڊز آن پروگرام ڪرايا وڃن ٿا، ته جيئن انهن ۾ اهي صلاحيتون پيدا ڪري سگهجن، جن کي دنيا اڄ ”ٽوئنٽي فرسٽ سينچري اسڪلز“ جي نالي سان ڄاڻي ٿي، جيڪي اڳتي هلي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ نوجوانن جي تمام گهڻو ڪم اچن ٿا، زرتاج ٻڌائي ٿي ته جڏهن هوءَ سافٽ ويئر انجنيئرنگ جي تعليم حاصل ڪري رهي هئي ته سندس وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ته هوءَ مستقبل ۾ ٻارن کي روبوٽڪس ۽ اسپيس سائنس جي تعليم ڏئي رهي هوندي. هوءَ چوي ٿي ته زندگي ۾ ڪجهه واقعا اهڙي طرح ٿين ٿا جو انسان کي خبر به نٿي پوي ۽ هو پاڻمرادو هڪ خاص رخ ۾ هلي پوي ٿو ۽ پوءِ ڪڙي سان ڪڙي ملندي وڃي ٿي، مون سان به ڪجهه ائين ٿيو ۽ اڄ پاڪستان ۾ اسٽيم ايجوڪيشن منهنجي زندگي جو مشن آهي.مون 2011ع ۾ هڪ اسڪول حق اڪيڊمي جوائن ڪيو، جيڪو منهنجي زندگي تبديل ڪرڻ وارو تجربو ثابت ٿيو ۽ اتي مون شروعاتي طور تي ٻارن کي تعليم ڏني ۽ ان کانپوءِ انهن لاءِ روبوٽڪس اينڊ اسٽيم اسٽوڊيو ٺاهيو، هوءَ ٻڌائي ٿي ته اسٽيم يا سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ عورتن جو انگ گهٽ هجڻ جا ڪيترائي سبب آهن، هڪ اهو آهي ته صرف پاڪستان نه پر سڄي دنيا ۾ اها سوچ عام آهي جيڪڏهن ڪا ڇوڪري سائنس ۾ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته اها ڊاڪٽر ٿي وڃي، يا وري ايم ايس کانپوءِ ڇوڪرين لاءِ ٽيچنگ ئي مخصوص آهي، سائنس کانسواءِ بزنس، فنانس ۽ ريسرچ وغيره ۾ به عورتن جو انگ اڃا مردن کان انتهائي گهٽ آهي، جنهن جو حل اهو آهي ته عورتون ٻين جي راءِ جي بنياد تي ڪو شعبو اختيار نه ڪن، پر پنهنجي صلاحيتن مطابق پاڻ فيصلو ڪن ته هو ڪرڻ ڇا ٿيون چاهين؟ پاڪستان ۾ خلائي سائنس جي واڌاري سان گڏوگڏ زرتاج عالمي سطح تي روبوٽڪس ٽرينر طور به ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي ۽ هن وقت تائين پنهنجي ٽيم سان گڏ عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪي اهي، جن ۾ فرسٽ ليگوليگ ۽  ڊيسٽي نيشن اميجينيشن ذڪر لائق آهن، ندا اطهر پاڪستان انوويشن فائونڊيشن نيشنل اسٽيم اسڪول جي ڊائريڪٽر آهي، هي هڪ انوکو رهائشي تربيتي پروگرام آهي، جنهن لاءِ انتهائي احتياط سان سڄي ملڪ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان اهڙا شاگرد ۽ شاگردياڻيون چونڊيا ويندا آهن، جيڪي اسٽيم مضمونن ۽ عملي سائنس ۾ غير معمولي دلچسپي رکندا هجن، ان ٽريننگ پروگرام ۾ ٻارن ۾ پاڻمرادو تحقيق ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو وڃي ٿو. ندا ٻڌائي ٿي ته هن ان پروگرام جي شروعات 2016ع ۾ لاهور يونيورسٽي آف مئنجمينٽ سائنسز جي تعاون سان ڪيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو