216

سينيٽ چونڊون: اوپن ۽ سيڪريٽ بيلٽ وارو سوال…؟؟

ليکڪ: سهيل وڙائچ

شيڪسپيئر ٺيڪ ئي چيو هو ته”There is a method in his madness” يعني هن جي پاڳلپڻي ۾ به هڪ طريقو آهي، سينيٽ جي چونڊن ۾ خريداري ۽ وڪري جي واويلا هجي يا سيڪريٽ بيلٽ بدران اوپن بيلٽ تي زور، دراصل اها ان سياسي نقصان کان بچڻ جي ڪوشش آهي،جيڪو امڪاني طور تي پي ٽي آءِ کي سينيٽ جي چونڊن ۾ ٿي سگهي ٿو، ظاهري طور سياسي اصول پسنديءَ جو روپ ڌاري اهو چيو پيو وڃي ته سينيٽ چونڊن ۾ ميمبرن جون ٻوليون لڳنديون آهن، ان لاءِ پي ٽي آءِ اوپن بيلٽ اختيار ڪري ان طريقي کي شفاف بڻائڻ چاهي ٿي، حقيقت اها آهي جيڪڏهن سياسي اصول پسندي هجي ته فيصلا وياج، زيان ۽ نفعي نقصان کان مٿانهان ٿي ڪيا وڃن ٿا، پر ان جو تلخ رخ اهو آهي ته پي ٽي آءِ هجي، (ن) ليگ هجي يا پيپلزپارٽي سڀني کي اصول صرف پنهنجي فائدي ۾ ايندا آهن ۽ نقصان هجي ته اصول وساريا ويندا آهن، اڃا تازو ڪي پي ڪي ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري جي وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، ظاهر آهي اها وڊيو حڪومت جي طرف کان رليز ٿي آهي ۽ ان جي ٽائيمنگ به سياسي طور تي  مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن سيڪريٽ بيلٽ خلاف فضا ٺهي ۽ عدالت مٿان به اهو دٻاءَ پوي ته اها حڪومتي ريفرنس تي حڪومت جي مرضي جو ئي فيصلو ٻڌائي، ان وڊيو کانپوءِ ڪي پي ڪي جي قانون واري وزير کان استعيفيٰ ڏياري وئي آهي، ان کان اڳ 16 ۽ 17 ايم پي اي حضرات جي خلاف تحريڪ انصاف سينيٽ 2017ع ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪري تي ايڪشن به ورتو هو ۽ کين اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪيٽون نه ڏنيون هيون، ظاهري طور تي اهو به اصول پسندي جو ئي اظهار هو، پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته تحريڪ انصاف پنجاب ۾ (ن) ليگ ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن کان جوڙ ٽوڙ ڪري چوڌري سرور کي حيران ڪندڙ طور تي سينيٽر چونڊرايو هو، ان بابت گهري خاموشي اختيار ڪئي وئي پر ان کي ٻين پارٽين جا ووٽ وٺڻ تي داد به ڏنو ويو، اهو ئي اهو ميٿڊ يا سياسي ٻهروپ آهي، جو هاڻي به اختيار ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن سينيٽ چونڊن جي حوالي سان پنجاب جو جائزو ورتو وڃي بزدار صاحب جي ڍري ڍري حڪومت کان ڪيترائي اسيمبلي ميمبر شڪايت ڪندڙ آهن، وزيراعظم ذاتي طور تي گهڻن فردن کي نه ڄاڻي ٿو ۽ نه ئي ان جو انهن سان مسلسل رابطو آهي، ان ڪري پنجاب  ۾ ڪيترائي اسيمبلي ميمبر پنهنجي مرضي ڪري سگهن ٿا، جنهن سان اهو تاثر اڀرندو ته تحريڪ انصاف جي اندر ڪيترائي ماڻهو ناراض آهن، هڪ معاملي ۾ پر پنجاب ٻين صوبن جي نسبت سينيٽ اليڪشن ۾ ظاهري بغاوت نٿو ڪري سگهي ۽ اهو آهي سينيٽ جي جنرل سيٽ تي هڪ ميمبر لاءِ 47 کان 53 اسيمبلي ميمبرن جو وڏي انگ ۾ ووٽ وجهڻ. بغاوت يا ناراض ميمبر جي ان وڏي تعداد جو گڏ ٿيڻ، اجلاس ڪرڻ يا وري سازش سان پنهنجي پارٽي خلاف ووٽ ڏيڻ مشڪل ٿيندو آهي، ڇو ته ايڏي وڏي تعداد جو اجلاس ڪرڻ ڳجهو نٿو رهي ۽ وري حڪومت لاءِ اهڙي بغاوت کي حل ڪرڻ به آسان ٿي وڃي ٿو، اها ڳالهه بهرحال طئه آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ سينيٽ چونڊون سيڪريٽ بيلٽ سان ٿيون ته پي ٽي آءِ جي اندر موجود ڪيتريون ئي ناراضگيون کلي سامهون اينديون ۽ پي ٽي آءِ اليڪشن سان طاقتور ٿيڻ بدران ڪمزور بڻجي سامهون ايندي. ها پر هتي اوپن بيلٽ ٿيو ته ماڻهو بغاوت جي خوف کان کلي سامهون نه ايندا ۽ ائين پي ٽي آءِ پنهنجا گهڻا ماڻهو پنهنجي نئين پاليسي سان کٽرائي وٺندي، سينيٽ اليڪشن ۾ ڳڙ بڙ يا رپئي پئسي جو سڀ کان وڌيڪ استعمال بلوچستان اسيمبلي ۾ ٿيندو آهي، اسيمبلي ميمبرن جو تعداد گهٽ هجڻ سبب بلوچستان مان جنرل سيٽن تي 9 يا 10 صوبائي اسيمبلي ميمبر هڪ سينيٽر چونڊيندا آهن، ماضي ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان ڪيترائي دولتمند ۽ ڪروڙ پتي صرف دولت جي طاقت ئي خريد ۽ وڪرو ڪري سينيٽر ٿيندا رهيا آهن، حد ته اها هئي ته هڪ ڪاروباري خاندان جا 4 فرد هڪ ئي وقت سينيٽر چونڊيا ويا ۽ اهي به پارٽي بنيادن تي نه پر ذاتي بنيادن تي ۽ اهو ماضي جو هڪ مشهور سياسي لطيفو رهيو آهي، هاڻ فاٽا جي ميمبرن جي شامل ٿيڻ سان ڪي پي ڪي اسيمبلي جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ ائين هڪ سينيٽر کي جنرل سيٽ تي 20 اسيمبلي ميمبرن جي ووٽ جي ضرورت پوندي، سنڌ ۾ جنرل سيٽ لاءِ ووٽن جو انگ 23 آهي، جيڪڏهن سينيٽ چونڊن جي معاملي کي اصولي طور تي پرکيو وڃي ته شايد حڪومت جي اها تجويز ته اوپن بيلٽ ٿيڻ گهرجي درست نظر اچي ٿي، ڇو ته ان سان بهرحال شفافيت وڌندي ۽ پئسي جو عمل دخل گهٽبو، پر ان سان گڏوگڏ جڏهن سيڪريٽ بيلٽ ختم ٿيندو ته پارٽي جي آمريت وڌندي ۽ اهي اسيمبلي ميمبر جي پنهنجي پارٽي سان اختلاف راءِ رکن ٿا ۽ ان جو اظهار سيڪريٽ بيلٽ ذريعي ڪندا هئا انهن جي اظهار راءِ جو رستو بند ٿي ويندو، تحريڪ انصاف جي نيت کي ڏٺو وڃي ته اها به ان معاملي جو اصولي حل نه پر پنهنجي فائدي جو حل چاهي ٿي، جي نه ته سڀني پارٽين کي گڏائي قانونسازي جي ڪوشش ڪئي وڃي ها، تحريڪ انصاف واقع شفافيت چاهيندي هجي ها ته پنجاب ۾ (ن) ليگ جي ووٽ ٽوڙڻ کي به غلط قدم مڃي ها ۽ ان معاملي ۾ به جاچ ڪرائي ها، پر ظاهر آهي ته اهو ان جي فائدي ۾ نه هو، ان ڪري ان معاملي کي قالين جي هيٺان دٻايو ويو آهي، تحريڪ انصاف کي ياد رکڻ گهرجي ته جڏهن نواز شريف جو اقتدار اڌ انتها تي هو تڏهن به (ن)ليگ جي ماڻهن نواز شريف جي ويجهي ساٿي زبير گل کي ووٽ نه ڏنو هو، ڇو ته ان وقت سيڪريٽ بيلٽ هو، ان ڪري اها خبر نه پئجي سگهي ته اهي باغي فرد ڪير هئا؟ پر پوءِ اهو اندازو ٿيو ته (ن) ليگ جي ڪيترن ئي فردن موجوده گورنر چوڌري سرور کي ووٽ ڏئي سينيٽر بڻائڻ ۾ مدد ڪئي هئي. ان مثال مان ثابت ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هاڻ به سيڪريٽ بيلٽ جاري رهيو ۽ پي ٽي آءِ ووٽرن جي مرضي سان سينيٽرن کي ٽڪيٽون نه مليون ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ وڏا اپ سيٽ ٿي سگهن ٿا، شهباز گل يا شهزاد اڪبر يا ان قسم جي ماڻهن کي اميدوار بڻايو ويو ته خدشو آهي ته انهن جو حشر به زبير گل جهڙو ئي ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو