162

پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوار فائنل ڪيا ويا، جڏهن ته وزيراعظم پاران منظوري ملڻ کانپوءِ حتمي نالن جو اعلان پڻ ڪيو ويو. رپورٽن مطابق تحريڪ انصاف پاران سينيٽ چونڊن لاءِ پنجاب مان سيف الله نيازي، اعجاز چوڌري، عون عباس، علي ظفر ۽ ڊاڪٽر زرقا کي اميدوار نامزد ڪيو ويو. سنڌ مان فيصل واوڊا ۽ سيف الله ابڙو اميدوار هوندا، جڏهن ته خيبرپختونخواهه مان شبلي فراز، محسن عزيز، ذيشان خانزاده، فيصل سليم، نجيب الله خٽڪ، دوست محمد ۽ ڊاڪٽر همايون مهمند اميدوار هوندا. ثانيا نشتر، فلڪ ناز چترالي ۽ گورديپ سنگهه به خيبرپختونخواهه مان تحريڪ انصاف جا اميدوار هوندا. حڪمران پارٽي وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد مان ناڻي واري صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ فوزيه ارشد کي اميدوار نامزد ڪيو آهي، ان کانسواءِ بلوچستان مان عبدالقادر تحريڪ انصاف جو سينيٽ لاءِ اميدوار هوندو. تحريڪ انصاف پاران بابر اعواڻ، شهزاد اڪبر، عامر مغل ۽ سجاد طوري سينيٽ جي ٽڪيٽ حاصل نه ڪري سگهيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو