231

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملي واري ڪيس ۾ اڳوڻو بار صدر گرفتار، وڪيلن پاران ڊي چوڪ بلاڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي حملي واري ڪيس ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي اڳوڻي صدر ملڪ ظفر کوکر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق ملڪ ظفر کوکر هنگامي ڪيس ۾ جوابدار نامزد ٿيل آهي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به کيس توهين عدالت شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا هئا. اسلام آباد ۾ غيرقانوني چيمبر ڊاهڻ خلاف وڪيل هڪ ڀيرو ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن. اسلام آباد بار ڪونسل ۽ ڊسٽرڪٽ بار ڪونسل جا وڪيل پنهنجي ساٿي وڪيلن جا چيمبر ڊاهڻ خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، جڏهن ته وڪيلن جو وڏو انگ ڊي چوڪ تي پهتو آهي، جتي هنن ڊي چوڪ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.  وڪيلن جي احتجاج جي موقعي تي امن امان جي صورتحال کي قابو رکڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڪيلن کي پارليامينٽ هائوس ڏانهن وڃڻ کان روڪڻ لاءِ رڪاوٽون پڻ وڌيون ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو