154

سينيٽ چونڊ: يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي ڪاغذن ۾ 2 اڳوڻا وزيراعظم تائيد ڪندڙن ۾ شامل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چونڊن لاءِ پيپلز پارٽي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جن ۾  2 اڳوڻا وزيراعظم تائيد ڪندڙن ۾ شامل آهن. رپورٽن مطابق پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته رٽرننگ آفيسر نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ يوسف رضا گيلاني کي 17 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي. سينيٽ چونڊن لاءِ پي ڊي ايم جي گڏيل اميدوار يوسف رضا گيلاني جي نامزدگي ڪاغذن ۾ تجويز ۽ تائيد ڪندڙن ۾ 2 اڳوڻا وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ شاهد خاقان عباسي شامل آهن. اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪڏهن هارس ٽريڊنگ تي يقين ناهي رکيو، مان اتفاق راءِ سان وزيراعظم نامزد ٿيو هئس، مخالف ڌر به مون کي ووٽ ڏنو هو. هن چيو ته پي ڊي ايم جا سمورا فيصلا گڏيل راءِ سان ٿيندا آهن، پي ڊي ايم قيادت جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي اميدوار چونڊيو، اسان کي موقعو مليو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارينداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو