لاهور/ ڊسڪا (م ڊ ) ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته وڊيو ٺاهيندڙ، پئسا وٺندڙ ۽ ڏيندڙ هي پاڻ آهن، مناسب وقت تي وڊيو رليز ڪئي وئي، حڪمرانن جي اصليت عوام سامهون چي وئي آهي، هڪ نالائق کي بچائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ٿي رهيو آهي. جاتي امرا کان ڊسڪا ڏانهن وڃڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز وڌيڪ چيو ته ن ليگ کي ٽوڙڻ جون تاريخي ڪوششون ٿي رهيون آهن، نواز شريف جي نظريي تي عوام دل سان عمل ڪيو، اوهان پارٽي کي ته ٽوڙي سگهو ٿا پر نظريي کي نٿا ٽوڙي سگهو، پي ڊي ايم ڳجهي ووٽ جي خلاف نه آهي پر منافقت جي خلاف ضرور آهي. آهي ووٽ سان رڳو پئسا نٿا هلن پر وفاداري تبديل ڪرڻ لاءِ فون ڪرايا ويندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آءِ ايس پي آر جو ڊي جي منهنجي لاءِ محترم آهي هو فوج جي اداري جو ترجمان ۽ سٺو انسان آهي۽ هو پاڻ کي سياست کان پري رکندو آهي پر جڏهن هو سياست ۾ نه پوڻ جهڙيون ڳالهيون ڪندو ته ماڻهو ان تان کلندا. هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪيتريون ئي ڳالهيون عوام جي سامهون اينديون رهيون آهن. جسٽس شوڪت صديقي سان جيڪو ڪجهه ٿيو ان بابت ان جا بيان سامهون به اچي چڪا آهن ۽ هاڻي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان به جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهيو اهو به سڀني جي سامهون آهي. ان ڪري ڳالهه اهڙي ڪرڻ گهرجي جيڪا ڪير مڃي به سهي، نه ته اداري جي ساک خراب ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڪيسن جي ٻڌڻين کان روڪڻ عدليه جي ساک ۽ وقار لاءِ سٺو نه آهي. هڪ نالائق کي بچائڻ لاءِ سمورا طريقا استعمال ٿي رهيا آهن. انصاف جي ٻن نظامن خلاف آوا اٿاري رهيا آهيون. ماڻهو چهرا، ريمارڪس ۽ فيصلن جو فرق ڏسي رهيا آهن. هڪ نالائق کي بچائڻ لاءِ انصاف جي نظام، عدليه ۽ ججن جي ساک متاثر ڪئي پئي وڃي، پوري نظام کي جڏو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته چونڊ سڌارن تي ضرور عمل ڪنداسين، پي ڊي ايم به اهو ئي چاهي ٿي، عوام جو فيصلو جعلي حڪومت خلاف ۽ شينهن جي حق ۾ ايندو. هن چيو ته حڪومت ڪيتريون به سازشون ڪري پر کيس ناڪامي ملندي، جتي جتي ووٽ پوندو اتي ن ليگ کٽندي، جن کي بيڪ ڊور رابطن جي ضرورت آهي اهو ئي ماڻهو مشڪل ۾ آهي، سليڪٽرز ۽ سليڪٽيڊ جو رستو اسان روڪينداسين، قانونسازي ۽ ڳالهه ٻولهه تابعدار ماڻهو سان نٿي ٿي سگهي، تبديلي کي ووٽ ڏيندڙ لڪي رهيا آهن، ووٽرن سٺو ڪيو ڇاڪاڻ ته عمران خان جو وائکو ٿيڻ ضروري هو، تبديلي جو نالو وٺي ووٽ وٺندڙ جو چهرو عوام آڏو وائکو ٿي ويو آهي، نااهل شخص جيڪو هڪ يونين ڪائونسل نه ٿو هلائي سگهي ان کي کڻي وزيراعظم ڪيو ويو. ٻي پاسي ڊسڪا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان اڪيلو نه آهي پر ان جي اڳيان پٺيان ۽ پاسن کان اٽي چا چور، کنڊ جا چور ۽ اي ٽي ايمز آهن. اسان جي اليڪشن رڳو اليڪشن نه پر اصل ۾ چورن سان جنگ آهي.حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون هاڻي لانگ مارچ ڪري فيض آباد ۾ پهچي ئي ڳالهائينداسين.
273