نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اترين رياست هريانه ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن ريسلر عورتن سميت پنج ماڻهو مارجي ويا ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڀارتي ميڊيا ذريعن موجب هريانه ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ڪاليج اندر ريسلنگ ٽريننگ سينٽر ۾ ٿي، مقامي پوليس مطابق جوابدار ان ئي سينٽر ۾ ريسلنگ ڪوچ هو جيڪو پنهنجي ساٿي ڪوچ سان پيشيوراڻي مخالفت رکندو هو. جوابدار ريسلنگ سينٽر اندر گهڙي انڌاڌند فائرنگ ڪئي. پوليس موجب ڪجهه ڏينهن پهرين ان سانحي ۾ قتل ٿيل هيڊ ڪوچ جوابدار ۽ سندس ساٿين کي ٽريننگ سينٽر ۾ نه اچڻ جي تنبيهه ڪئي هئي، فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.
217