لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي منشيات جي روڪٿام واري خاص عدالت منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ پنجاب جي قانون واري اڳوڻي وزير راڻا ثناءُ الله کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 6 مارچ تي طلب ڪري ورتو آهي. منشيات ٽوڙ عدالت جي جج شاڪر حسين ڪيس جي شنوائي ڪئي. جنهن دوران راڻا ثناءُ الله پنهنجي وڪيل فرهاد علي شاهه سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي حاضري مڪمل ڪرائي. اي اين ايف گواهن جي بيانن جا نقل راڻا ثناءُ الله کي وصول ڪرايا. اي اين ايف جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن چالان کي غور سان پڙهي وٺي ها ته کيس ڏکيائي نه ٿئي ها. عدالت راڻا ثناءُ الله جي وڪيل طرفان گواهن جي بيانن جي ڪاپين تي لڳل اعتراض رد ڪري ڇڏيا. راڻا ثناءُ الله عدالت کي استدعا ڪئي ته ڇا هو پنهنجا اعتراض لکت ۾ عدالت ۾ پيش ڪري، پر عدالت راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين جوابدارن کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 6 مارچ تي طلب ڪري شنوائي ملتوي ڪندي راڻا ثناءُ لله جي سيلري اڪائونٽ منجمند ڪرڻ خلاف درخواست تي 17 فيبروري تي اي اين ايف کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
163