177

عارف علوي سان گورنر سنڌ جي ملاقات، وفاقي فنڊنگ سان جاري ترقياتي رٿائن سوڌو ٻين معاملن تي ڳالهيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي فنڊنگ سان جاري ترقياتي رٿائن، شهر کي فائرٽينڊرز ۽ بائوذرز جي فراهمي، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان سوڌو اهميت وارن ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته معاشي شه رڳ ڪراچي جي ترقي لاءِ وفاق هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي، ان ڏس ۾ جديد تقاضائن پٽاندڙ فائرٽينڊرز جي فراهمي سٺو سنئوڻ آهي، جڏهن ته وفاقي فنڊگ سان جاري ترقياتي رٿائون مڪمل ٿيڻ سان عوام کي ڀرپور رليف حاصل ٿيندو. سنڌ جي گورنر چيو ته وفاقي سهڪار ۽ مدد صوبي جي ترقي ۾ اهم ثابت ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو