ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پشاور زلمي جو هيڊڪوچ ڊيرن سيمي ڪراچي پهچي ويو آهي. 20 فيبروري کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پرڏيهي رانديگرن ۽ آفيسرن جي پاڪستان اچڻ وارو سلسلو جاري آهي. ويسٽ انڊيز سان تعلق رکندڙ پشاور زلمي جو هيڊڪوچ ڊيرن سيمي ڪراچي پهچي ويو آهي. پاڪستانين ۾ تمام گهڻو مشهور ڊيرن سيمي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ سلام ڪندي چيو ته اسلام عليڪم پاڪستان، ليگ ۽ پشاور زلمي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر حصو بڻجڻ تي خوش آهيان، بطور ڪوچ پرجوش آهيان، ڪرڪيٽ کي انجواءِ ڪريو پر ماسڪ پائي پوءِ، جڏهن ته احتياط پڻ ڪريو.
214