293

ٺل ۾ مهانگائي لاهه ڪڍي ڇڏيا، اٽو 2400 رپيا في مڻ وڪرو، پرائس ڪنٽرول ڪاميٽي غير فعال، رهواسين نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ٺل (رپورٽ: عرفان مغل) ٺل ۾ مهانگائي لاهه ڪڍي ڇڏيا، اٽو 2400 رپيا في مڻ وڪرو، پرائس ڪنٽرول ڪاميٽي غير فعال، ان سلسلي ۾ ٺل، باهو کوسو، جونگل، ميرپورٻرڙو، ڳڙهي حسن، بهادرپور ۽ ٻين شهرن ۾ عام واهپي جون شيون چئوڻ تي مهانگيون ٿي ويون آهن، ننڍو گوشت، مڇي، وڏو گوشت، گيهه، چانور، کير، دال، کنڊ، ڳڙ، صوف، زيتون ۽ ٻين شين جا اگهه چوٽ تي چڙهيل آهن، جڏهن ته تعلقي ۾ اٽو به 2400 رپيا مڻ ٿي ويو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ 240 رپيا ڪلو وڪامجندڙ مرغي اوچتو 360 رپيا ٿي وئي آهي، هوڏانهن شهرين حاڪم علي جمالي، ڪامران مغل، خير محمد گولي، غلام رسول شيخ ۽ ٻين ”سوڀ“ آڏو دانهيندي چيو آهي ته ٺل ۽ ڀرپاسي ۾ مختلف ريٽن تي شيون وڪامجن پيون، دڪاندارن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، هنن چيو ته پرائس ڪنٽرول ڪاميٽي غير فعال بڻيل آهي، ٻئي پاسي اها به ڄاڻ ملي آهي ته مارڪيٽ ڪاميٽي جيڪب آباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ٺل جي چيئرمين جون ڪرسيون ڏيڍ سال کان خالي پيل آهن، جن تي ڪا به مقرري ناهي ٿي سگهي، جنهن ڪري آفيسن جو ڪاروهنوار به ٺپ بڻيل آهي ۽ ملازمن کي پگهارون به نه مليون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو