446

قدرت جو هر رنگ حَسين آهي ۽ انهن کانسواءِ زندگي اڌوري آهي، پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي آرٽسٽ جو قدر نه ٿو ٿئي: مصور توفيق سولنگي

حيدرآباد (ڳالهه ٻولهه: علي مراد چانڊيو) سنڌ جي نامياري مصور ڄامشورو واسي توفيق سولنگي چيو آهي ته قدرت جو هر رنگ حسين آهي ۽ وري رنگن کانسواءِ زندگي اڌوري آهي، 8 ورهين جي ڄمار کان رنگن سان راند ڪندو پيو اچان، انهن رنگن ئي سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مان ڏنو آهي. روزاني “سوڀ” سان ڳالهائيندي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي ملازم آرٽسٽ توفيق سولنگي جو وڌيڪ چوڻ هو ته مجسماسازي، پينٽنگ، پورٽريٽ ۽ ڪيليگرافي ۾ آرٽ جا هزارين نمونا تيار ڪري ملڪ اندر ٿيندڙ 30 کان وڌيڪ نمائشن ۾ حصو وٺي سنڌ ڌرتيءَ جو نانءُ روشن ڪيو آهي. هن چيو ته  شهيد راڻي بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، ڪنگ پريسٽ، ناچڻي، وينس، سائين جي ايم سيد، سسئي، سڪرات، ارسطو ۽ قائداعظم سميت ٻين شخصيتن جا مجسما تيار ڪيا، جڏهن ته پينٽگس وسيلي ملڪ سميت سنڌ جي ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻي کي نروار ڪيو آهي، پورٽريٽن ۾ عظيم شخصيتن کي ڀيٽا ڏني ۽ ڪيليگرافي ۾ اسلامي آيتن ۽ گُڻن کي اجاگر ڪيو. هن ٻڌايو ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ پنجاب اندر آرٽ واري فن کي وڏي اهميت حاصل آهي، جتي مختلف شهرن ۾ روز جي بنياد تي نمائشون ٿي رهيون آهن، جڏهن ته منهنجي فن پارن جون اڪثر نمائشون به پنجاب ۾ ٿيون آهن، جتي تيار ڪيل سمورا مجسما ۽ هزارن جي انگ ۾  پينٽنگس وڪرو ٿيون آهن. هن چيو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر گهڻا آرٽسٽ پيدا ٿي رهيا آهن پر انهن جي فن جو قدر نه ٿو ٿئي، جنهن تي افسوس ٿيندو اٿم. ڄامشورو واسي مصور توفيق سولنگي مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ضلعي سطح تي آرٽ گئلريون جوڙي ثقافت کاتي طرفان تصويري نمائشون ڪوٺايون وڃن، جڏهن ته آرٽسٽن کي فنڊ جاري ڪري سندن حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽين جي آرٽ وارن شعبن ۾ نمائشون ڪرائي سنڌ جي مصورن کي پروموٽ ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو