150

رپڙي هيلٿ سينٽر ۾ ويم لاءِ آيل عورت ۽ سندس تازو ڄاول ٻار فوت، وارثن جو ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام

رپڙي (رپورٽ: ايم اڪرم پنهور ) رپڙي بي ايڇ يو سينٽر ۾ ويم لاءِ آيل عورت ۽ تازو ڄاول ٻار مبينا طور فوت ٿي ويا آهن، وارثن احتجاج  ڪندي ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام مڙهيو آهي. رپڙي جي بي ايڇ يو ۾ قائم مدر اينڊ چائلڊ ھيلٿ ڪيئر سينٽر ۾ ڳوٺ محمد لاڙڪ واسي سبحان علي لاڙڪ پنهنجي زال 35 ورهين جي زاھده خاتون کي ويم لاءِ آندو، جتي رات دير سان ويم ٿيڻ کانپوءِ عورت کان گهڻو رت وھي ويو ۽ وارثن کي عورت کي ٻئي ھنڌ کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو، جڏھن ته ايمبولينس به نه ڏني وئي، جنهن سبب صبح جو 6 وڳي عورت ۽ ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا. فوتين جي وارثن سبحان علي لاڙڪ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو ته اسان کي بروقت نه ٻڌائڻ ۽ ايمبولينس نه ڏيڻ سبب عورت ۽ ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا آهن. ھنن صحت جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو  ڪيو ته جلد رپڙي بي ايڇ يو انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف ايم ايس ڊاڪٽر عبدالوحيد پنھور جو چوڻ هو ته گذريل ھڪ سال کان ايم بي بي ايس ڊاڪٽرياڻي ناھي ملي سگهي، جنهن سبب سيکڙاٽ دايون عورتن جو ويم ڪرائي رھيون آھن، جڏھن ته ايمبولينس جو ڊرائيور رات جو آرامي ھئڻ سبب ڪنهن کي به ايمبولينس ناھي ڏني ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو