ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي ساهه چيو آهي ته ڪشميرين کي سنڌ ۾ آباد نه پيا ڪريون، ان لاءِ وفاقي حڪومت ئي خط لکيو هو، پنجاب جي ڪڻڪ اسمگل ٿي آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪشميري پناهگيرن کي ترسائڻ وارين ڳالهين ۾ ڪابه حقيقت نه آهي، وفاق طرفان هڪ ليٽر صوبن ڏانهن اُماڻيو ويو هو، اُن کان وڌيڪ ڪجهه به نه ٿيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته پنجاب جِي ڪڻڪ هوا ۾ نه اُڏامي وئي هئي، اُها ڪڻڪ اسمگل ٿيڻ سبب ملڪ اندر ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿيو، حيرت آهي جو وفاقي ڪابينا طرفان سنڌ صوبي تي ڪڻڪ لڪائڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته آئين موجب سينيٽ جون چونڊون ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيڻيون آهن. سنڌ ۾ ڪابه هارس ٽريڊنگ نه پئي ٿئي، جِن ماڻهن کي شڪست نظر اچي ٿي، اُهي سنڌ ۾ هارس ٽريڊنگ جون ڳالهيون ڪن ٿا. ميمبر پنهنجي پسند جي اميدوارن کي ووٽ ڏيندا آهن، ووٽ وڪامڻ جي الزامن جو مقصد پارليامينٽرينز کي بدنام ڪرڻ آهي. پراڻي وڊيو ليڪ ڪرڻ جو مقصد به رڳو اهو ئي ظاهر ڪرڻ آهي ته ووٽ وڪرو ٿين ٿا، اها سڄي راند پي ٽي آءِ پئي ڪري ڇو ته انهن کي سينيٽ جي چونڊن ۾ هارائڻ جو ڊپ آهي. اسان جا سمورا 12 ميمبر خالص پارٽي جا ئي ڪارڪن آهن جيڪي پارٽي سان وفاداريءَ جو ڊگهو ريڪارڊ رکن ٿا، اهي بهترين اميدوار آهن.
124