224

سينيٽ جي چونڊ لاءِ ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ، سزا کاڌل، نا اهل ٿيل ۽ ٽئڪس نه ڏيندڙ اميدوارن جا تفصيل طلب

اسلام آباد / ڪراچي (نمائندا) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ جي چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 فيبروري تائين وڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته سزا کاڌل، نااهل ٿيل ۽ ٽئڪس نه ڏيندڙ اميدوارن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب اليڪشن ڪميشن سزا کاڌل، نااهل ٿيل ۽ ٽئڪس نه ڏيندڙ اميدوارن کي چونڊ کان روڪڻ لاءِ گهرو کاتي،  نيب، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايف بي آر کان اميدوارن بابت ڄاڻ گهري ورتي آهي، ٻڌايو ويو آهي ته اميدوارن سان گڏ انهن جي ڪٽنب جي ڀاتين جي ٽئڪسن بابت پڻ تفصيل گهريا ويا آهن. ٻي پاسي اليڪشن ڪميشن سينيٽ جي چونڊن ۾ اميدوارن جي سهولت لاءِ شيڊول ۾ تبديلي ڪئي  آهي، جنهن هيٺ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ واري آخري تاريخ 15 فيبروري تائين وڌائي وئي آهي. سينيٽ جي چونڊن لاءِ نامزد اميدوارن جي لسٽ 16 فيبروري تي جاري ٿيندي، ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 17 کان 18 فيبروري تائين ٿيندي، اپيلون 20 فيبروري تائين داخل ڪرائي سگهبيون، 23 فيبروري تائين سمورين اپيلن کي اڪلايو ويندو، 24 فيبروري تي حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي، 25 فيبروري تائين اميدوار نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا، جڏهن ته سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ئي ٿيندي. ان کان اڳ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 13 فيبروري مقرر ڪئي وئي هئي. جڏهن ته وقت گهٽ ملڻ سبب پيپلز پارٽي وقت ۾ واڌ ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن کي درخواست پڻ ڪئي هئي. اليڪشن ڪميشن جي پريس ريليز ۾ چيو ويو آهي ته  ميمبرن جي ريٽائرمنٽ سبب خالي ٿيل سيٽن تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ 11 فيبروري 2021ع تي چونڊ پروگرام جاري ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو ته اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي حوالي سان وقت جي گهٽتائي سبب قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ڏکيائيون محسوس ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ڏينهن ۾ واڌ لاءِ لکت ۾ ۽ زباني درخواستون پڻ ٿيون هيون. اليڪشن ڪميشن انهن سمورين حقيقتن کي نظر ۾ رکندي ۽ اميدوارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ وڌائي 15 فيبروري مقرر ڪري ڇڏي آهي. سينيٽ جي چونڊن لاءِ پولنگ لاءِ اڳ  مقرر ڪيل تاريخ جيڪا 3 مارچ 2021 آهي ان ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي. ٻي پاسي سينيٽ چونڊن جي لاءِ اسلام آباد ۽ چئني صوبن ۾ڇنڇر تائين 78 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا،  پوري ملڪ مان عورتن جي 16 سيٽن تي، ٽيڪنوڪريٽس ۽ ديني عالمن جي 14 ۽ اقليتن جي 5 سيٽن تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري تفصيل موجب اسلام آباد مان ٻن جنرل ۽ ٻن عورتن جي سيٽن تي 4 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، هيستائين پنجاب مان 15، سنڌ مان 20 ۽ خيبرپختونخوا مان 24 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، بلوچستان ۾ 15 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. پاڪستان پيپلز پارٽي جي فاروق ايڇ نائيڪ، شيري رحمان، سليم مانڊوي والا، پلوشا خان، خير النساءَ مغل، ڄام مهتاب ڏهر، دوست علي، رخسانه شاهه، تاج حيدر، شهادت اعواڻ ۽ ٻين ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به پارٽي اڳواڻن سان گڏ هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو