235

آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جو فون تي رابطو،پيپلز پارٽي استعيفائن تي ۽ ن ليگ ان هائوس تبديلي لاءِ مشروط راضي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) حڪومت جي خلاف تحريڪ دوران پيپلز پارٽي استعيفائن تي ۽ ن ليگ ان هائوس تبديلي لاءِ مشروط راضي ٿي ويون آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب  اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ فون تي رابطي ذريعي  ن ليگ جي سربراهه نواز شريف کي ان هائوس تبديليءَ لاءِ راضي ڪيو. هنن  پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو اتحاد هر صورت ۾ برقرار رکڻ ۽ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪرڻ تي اتفاق پڻ ڪيو. ذريعن موجب ان تي اتفاق ڪيو ويو ته ان هائوس تبديليءَ لاءِ پيپلز پارٽيءَ طرفان نمبر پورا ڪرڻ جي صورت ۾ پي ڊي ايم ان جي حمايت ڪندي، جڏهن ته ان هائوس تبديلي جو آپشن ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ پيپلز پارٽي استعفائن واري آپشن جي حمايت ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو