161

ملير: شاگردياڻي سان گينگ ريپ جو وڌيڪ هڪ جوابدار ملير ۽ ٻيو لاهور مان گرفتار، وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو ،احتجاجي مظاهرو

ملير (رپورٽ: سامي ميمڻ ) گلشن حديد جي شاگردياڻي سان اجتمائي ڏاڍائي ڪندڙ پنجن جوابدارن مان وڌيڪ ٻه گرفتار، گرفتار جوابدارن مان هڪ پاريسري نڪتو، هڪ جي ڳولا لاءِ پوليس پارٽي لاهور موجود، ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ به لاڳو ڪيو ويو، تفصيل گلشن حديد جي گرلز ڪاليج جي يارهين درجي جي شاگردياڻي سان اغوا بعد اجتمائي ڏاڍائي ڪندڙ پنجن جوابدارن مان وڌيڪ فواد ۽ سميع  سميت وڌيڪ ٻن ڄڻن کي  گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ جوبدار فواد بشراي راڄپر جو پاڙيسري ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪو هڪ بااثر جو پٽ آهي، هيستائين گرفتار ٿيل جوابدار جو تعداد 4 ٿي ويو آهي، جڏهن ته آخري پنجين جوابدار جي  ڳولا لاءِ پوليس پارٽي لاهور ۾ ترسيل آهي، پوليس گرفتار 2 جوابدارن سميع الله، فواد کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو، جوابدارن ۽ شاگردياڻي جا ڊي ايم اين سيمپل ورتا ويا آهن، ٻئي طرف فرار ٿيل ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس لاهور پهچي وئي، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي جي گرفتاري لاءِ پوليس لاهور ۾ موجود آهي، ٻئي طرف شاگردياڻي سان زيادتي جو وڏي وزير نوٽيس ورتو، جنهن بعد ملير مان چونڊيل ايم پي اي راجا رزاق بلوچ، ايم پي اي شاهينه شير علي، ايم پي اي ساجد جوکيو، اڳوڻو مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچم اڳوڻو چيئرمين سلمان عبدالله مراد، پ ٽ الف جو مرڪزي اڳواڻ حاجي شفيع سٺيو، انتظار حسين ڇلگري، شائشتا، انور بلوچ، ايڊووڪيٽ شاهد سومرو ۽ عوامي جمهوري پارٽي حريف چانڊيو، قمبر علي حاجاڻو، رشيد سڌايو، سعيده گوپانگ، سنڌياڻي تحريڪ جي ناهيد جوڳي ۽ ٻيا متاثر خاندان وٽ پهچي ويا، ان موقعي تي ايم پي اي راجا رزاق بلوچ چيو ته بشرا راڄپر واقعي جو سخت صدمو پهتو آهي، ان عمل جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، هن چيو ته بشرا راڄپر واقعي بابت انتظاميه سان رابطي ۾ آهيون، متاثر خاندان سان ڪنهن به قسم جي ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، واقعي بابت وزير اعليٰ سنڌ، نوٽيس ورتو آهي ۽ واقعي بابت جاچ جي نگراني ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته وحشي جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ تائين خاموش نه ويهبو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو